24 سومر , سيپٽمبر 2018

گليڪسي نوٽ 9 جولاءِ ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان

ڪوريا (ويب ڊيسڪ)سام سنگ طرفان هلندڙ سال جي ٻئي فليگ شپ فون گليڪسي نوٽ 9 کي توقع کان وڌيڪ جلدي متعارف ڪرائي سگهجي ٿو. ڪورين هيرالڊ جي رپورٽ ذريعن جو حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گليڪسي ايس 9 جي وڪرو نه هجڻ جي سبب سام سنگ نوٽ 9 کي هڪ مهينو پهريان متعارف ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. خيال رهي ته سام سنگ طرفان عام طور تي گليڪسي نوٽ سيريز فون آگسٽ جي وچ ۾ متعارف ڪرايا ويندا آهن. پر هلندڙ سال هي نوٽ 9 جولائي جي آخر ۾ سامهون اچي سگهي ٿو. هي فون 6.38 انچ جي لڳ ڀڳ بيزل ليس ڊسپلي سان گڏ هوندو. هن فون کي پهريان چائنا منسٽي آف انڊسٽري اينڊ انفارميشن ٽيڪنالوجي ۾ سرٽيفائي ڪرايو ويو آهي جنهن سان هن کي جلد سامهون اچڻ جا امڪان آهن. هن فون جي وڌيڪ ڊسپلي سان گڏ 4000 ايم اي ايڇ بيٽري ڏيڻ جو امڪان آحن جيڪو هڪ چارج تي 2 ڏينهن تائين ڪم ڪري سگهي ٿي. هن فون کي منهن کي سڃاڻپ ڪري فون ان لاڪ ڪرڻ جو نظام به بهتر ڪرڻ ڪرڻ جو امڪان آهي. ان کان سواءِ ڪوالڪوم اسنيپ ڊراگون 845 پراسيسر، نئو ايس پين، ڊيجيٽل اسسٽنٽ بيڪسبي 2.0 پهريان بهتر بيڪ ۽ فرنٽ ڪئيمرا به ان هون جو حصو هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سانگ سنگ پهرين ٽن ڪئميرائن واري سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

سيوئل (ويب ڊيسڪ) سام سنگ خاموشيءَ سان پنهنجي پهرين ٽن ڪئميرائن واري سمارٽ فون متعارف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے