16 خميس , آگسٽ 2018

اقتدار جي آخري ڏهاڙن ۾ ته عوام کي مهانگائي کان بچايون وڃو؟

شبير سوڍڙو

اقتدار جا مزا ماڻيندڙن کي اڳيان 5 سال ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني ياد ايندا هوندا، هي ٻڌائين يا عوام ئي ٻڌائي سگهي ٿو، ڇو ته اهي عوامي نمائندا آهن/ هئا ، پنجن سالن ۾ ڇا ڪري ويا، وفاق کان ويندي صوبن تائين جي همراهن ڪهڙا ڪارناما عوامي ڀلائي خاطر انجام ڏنا، اهي ئي سندن ايندڙ اليڪشن ۾ گناهه ۽ ثواب سمجهي ڪم ايندا،  ڇو ته هينئر شخصي، وڏيرپ، پيري ۽ ميري ڪم ڪو نه ايندي، عوام ڪافي حد تائين مسئلن جي ڊگهي لائين ۾ پيسجي چڪو آهي ۽ اڃا به پيسجندو رهندو، ڇو ته هي همراهه ته ويندا ۽ ٻيا به ايندا، خبر نه آهي ته انهن جا ڪهڙا منشور ۽ مول متن هوندا، ڪا خبر نه آهي. نگراني فقيري ٽولو ايندو، اهو عوام کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ چونڊيلن جو چوندو ته انتظار ڪيو، جيڪي ايندا اهي ئي اوهان جا اڳيان پويان درد، ڏک سور سمجهي سگهن ٿا ۽ حل ڪري سگهن ٿا. اسان ته فقير ماڻهو ٽن مهينن لاءِ آيا آهيون ۽ هليا وينداسين.

پنجن سالن ۾ عوام  لاءِ ڇا ڇا خرچ ٿيو، پنجن سالن ۾ 6 بجيٽون ڳڙڪائجي  ويون پر عوام تي ايترو خرچ نه ٿيو، ايتري تائين اڄ حالت آهي ته رمضان المبارڪ مهيني ۾ مهانگ ڪر کنيو آهي، ڪٿي ڪنهن به ڳوٺ يا شهر جي بازار ۾ ڪنهن به شئي جي تور تڪ ۽ اگهوتري تي ڪنٽرول ناهي، هرڪو مسلمان ڀاءُ ٻئي مسلمان جو مٿو ڪوڙڻ ۾ پورو آهي، ڪمائي جو ذريعو هن ڀلائي مهيني کي سمجهندڙ دوزخ جو در جڏهن وڃي ڏسن پر عوام لاءِ  هينئر مهانگائي جو دوزخ بڻجي هڏ گُڏ ڀڃي ڇڏيا اٿن، هي خونخوار بڻجي پنهنجا من پسند اگهه مقرر ڪري ڦرلٽ جو بازار گرما گرم ڪيون ويٺا آهن،

ٻئي طرف حڪمران ڌڙا پنهنجي ڪيل ڪرتوتن خاطر جيڪي هينئر ڪورٽن، نئبن ۽ ٻين ادارن ۾ احتساب لاءِ پيش ٿي رهيا آهن، اهي پنهنجا اثاثا لڪائڻ ۽ عوام جي لٽيل دولت ڇپائڻ ۽ ان کي حرام جي پئسي کي کير ۾ ڌوئڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هڪ اهو سبب ٻيو سندن اقتدار جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن، اهي پنهنجا پويان رڪارڊ هٿ ڪرڻ ۾ مصروف هوندا ۽ آيا انهن ۾ ڪرپشن جون لڪيرون مٽائڻ ۽ ڇپائڻ ۾مصروف هوندا ۽ آهن ته پوءِ مهانگ ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ڇڪايون ته عوام کي ويندي ويندي آزار ۾ ڇو ٿا اڇلايو، هڪ رمضان جو ڀلارو مهينو ٻيو مسلمان سيٺيو ۽ دڪاندار، برڪت ڀريي مهيني کي ڏسجي ته اسان مسلمانن کي ان خاطر مهانگ کان پاڻ ئي ختم ڪري عوام کي سستيون شيون مهيا ڪيون ته ڪيترو نه ثواب جو ڪم هوندو، پر ان هوندي به اسان جي بدقسمتي آهي جو هن مهيني کي ئي ڪمائي جو ذريعو سمجهي عوام کي لٽڻ ۽ ڦرڻ جو هي ئي مهينو مسلمانن کي هٿ ايندو آهي.

هنن همراهن جا  اقتداري ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن يا ٿي ويا پر عوام  جون قسمتون هر پنجن سالن کانپوءِ به اهڙيون جون اهڙيون، ڪو به فرق نه ٿو پوي، ڪير چونڊجي اچي، هرڪو پنهنجا گهر ڀرڻ ۽ هينئر جي ڪو ڪرپشن جي بهتان کي منهن ڏئي پيو ۽ عوام اهو ئي انتظار ڪري پيو ۽ چوي پيو  اهي ڪرپٽ جيل وڃن يا نااهل ٿين ته اسان جي جان آزاد ٿئي ۽ ڪنهن ٻئي متبادل جي ڳولا ڪيون، ڇو ته اسان کي عوام جي ڏکيائين ۽ سندن ڏکن ڀرين پنجن سالن ۾  هر فني خان جي خبر پئجي وئي ته انهن عوام کي ڇا ڏنو؟ هي ته رمضان جو ڀلارو مهينو آهي پر ان کانسواءِ جيڪي عيد مارن ماڻهن جي ٿيندي ۽ انهن جو ڳوٺن کان شهرن ۽ شهرن کان ڳوٺن ڏانهن وڃڻ ٿيندو، ٽرانسپورٽرن جيڪا ڪات ڪهاڙا تيار ڪيا  آهن ۽ ڪري رکيا آهن، انهن بي لغام ٽرانسپورٽرن اڳ ۾ ئي مهانگ جو ڏنڊو اڀو ڪري رکيو هوندو، ڇو ته انهن جي ڀتا خوري توڙ تائين پهچي چڪي هوندي، سائين توهان صرف خاموشي اختيار ڪيو، ڪو به قانون حرڪت ۾ نه اچي، باقي عوام جي کل لاهڻ اسان جو ڪم آهي. انتظار آهي عوام جي ڳوٺن ڏانهن موٽ ۽ ڀاڙن جي غير قانوني وڌڻ طور وڌڻ جو انتظار آهي.

اقتدار ڌڻين تي ڪهڙا  گل ڇٽيا وڃن، هينئر پنجن سالن ۾ بجلي جو قبلو درست نه ڪيو ويو، ڪي اي ايس سي مان (ڪي اليڪٽرڪ) بڻايل ادارو بي قابو رهيو ته ٻين ادارن جو ڪهڙو حال ۽ انهن جي واکاڻ کڻي ڪجي، تعليم، صحت ۽ صفائي جو نظام به جيئن جو تيئن آهي، بيروزگاري ۽ ٻيا مسئلا ملڪ ۾ سنگين کان سنگين ٿيندا نظر اچي رهيا آهن، ميڊيائون ان باري ۾ صرف سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن تي ڀرتيون ٿيندي ٻڌائي رهيون آهن، ٻئي ڪرپشن ۽ ناانصافي کي ڪهڙا سڱ ٿيندا آهن، عوام سان پنج سال جٺيون ڪري نوان نوان منشور ۽ متن سامهون رکيا پيا وڃن، جيئرا حڪمران هينئر مئلن کي سامهون آڻي ووٽ وٺڻ جا ماهر ٿي ويا  آهن، اسان کي ڪهڙي خبر ته  ڀوتارن جي ”گهر گهر مان ڪرپشن نڪرندي“ .

هر اداري جي چيلهه چٻي آهي، اسٽيل مل ڪنهن دور ۾ ملڪي بهترين ادارو هو، ان جو اهڙو حال ڪيو ويو آهي جو ڪٻاڙي وارو به هينئر وٺڻ لاءِ تيار ناهي، ايستائين جو ان ۾ ڪم ڪندڙ حاضر  ۽ رٽائرڊ ملازم پگهارن لاءِ دربدر آهن پر حڪمرانن جو اهوئي رينگٽ ته هنن ڪجهه نه ڪيو ته اسان اينداسين،هڪڙا ويندا ٻيا ايندا پر عوام مٿان مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٻين معاشي مسئلن جي تلوار ٽنگيل. ئي رهندي پر اهو چوڻ ڏاڍو سولو ٿي پيو آهي ته  ملڪي عوام لاءِ اسان کير جون ننديون وهائينداسين،  کير جون ننديون ته پري جي ڳالهه پر غريب عوام هڪ ڪلو کير جو وٺڻ جي همت نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ اهو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه. ووٽ اڳ پٺ جاچڻ کانسواءِ ڏيڻ کان ته بهتر آهي ته اليڪشن جي ڏينهن گهر ۾ آرامي ٿجي.

ڳالهه مهانگائي  جي هلي پئي ته انهي مهانگائيءَ  جو ڳانڍاپو عوام سان ملڪ جي وجود کان وٺي ڄڻ ته ويري بڻجندو هر ڀوتار جي ڀوتاري ۾ ڳنڍجندو پيو اچي، عوام ۽ مهانگ جا پاڻ ۾ پاڪ، ڀارت جهڙا تعلقات آهن، صرف مذمتون ۽ مزاحمتون ڪندا رهنداسين، عوام کي جيڪو روئڻ پٽڻ هوندو اهو ڪندو، حڪمرانن جا هر اقتداري دور جا نوان منشور ۽ منصوبا هوندا آهن، جيڪي هميشه ناڪام ويا آهن ۽ ويندا آهن، بجيٽن ۾ ٽيڪسون، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 7 کان 10 سيڪڙي کان مٿي نه ٿا چڙهن، مزدورن کي مزدوريءَ جو اعلان ٿيندو آهي پر اهو ملندو ناهي، هر يوسين  جا پئسا رکيل هوندا آهن، پر سنڌ جون ڪجهه اهڙيون يوسيون آهن جن کي اڃا تائين بجيٽ مان پائي به نه ڏني وئي آهي، اسان جي يوسي صبڙ رند جو مثال وٺو، ان سان کوڙ ساريون يوسيون جيڪي جيالن سان ڀرپور آهن پر جيئڻ لاءِ مڙئي جيئن پيا پر اهو جيئڻ ڪهڙو.

بهرحال مهانگائي هن مهيني ۾ به عوام جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ اقتدار کي الوداع چوندڙ ڀوتارن به آخري ڏهاڙن جي هن ڀلاري مهيني ۾ عوام کي مهانگ کان آجو قرار نه ڏنو، اسان بجيٽ ۾ سمڌو پئي ته عوام لاءِ آخري ڏهاڙن لاءِ وڏي کان وڏا رليف رکيا ويندا پر نه ڄاڻ ته ڀوتار نئب، ڪرپشن جي احتساب جي خوف ۾ مبتلا همراهه تڙتڪڙ ۾ پنهنجا ئي هوش وڃائي ويٺا ته عوام کي ڇا ڏيندا، پنهنجا  حڪمرانيءَ جا ٽپڙ گول ڪيون وري نئون رينگٽ کڻي حاضر ٿيندا ۽ عوام به انتظار ڪندو ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ جو جيڪو قدر ٿيندو ان مان اندازو لڳي ويندو ته عوام اهي ديوارون ڪيرائيندو جن معاشي قتل ڪيو، جنهن مان مهانگائي پيدا ٿي.اقتدار جي آخري ڏهاڙن ۾ به مهانگائي ءَ جو ڳٽ عوام جي ڳچيءَ ۾ وجهون هليا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مفاهمت پسندن جي وڪڙ ۾ آيل ڪپتان

شفيق الرحمان شاڪر تبديلي،احتساب ۽ عوام جي تقدير بدلائڻ جي نعرن تي ووٽ حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے