18 سومر , جون 2018

جهانگير ۽ شاهه محمود ۾ ڏند چڪ: اختلاف جون خبرون بي بنياد آهن: پي ٽي آءِ جو ترجمان

The decision to request a description by the PTIاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سينيئر سربراهن جي اجلاس بابت ناڪاري اطلاع افسوس ۽ مذمت جوڳا آهن. ترجمان چيو ته سينيئر اڳواڻن جي وچ ۾ اختلاف جون خبرون بي بنياد آهن ۽ اڳڪٿين جو نتيجو آهي، تحريڪ انصاف جي قيادت مڪمل طور تي گڏيل آهي. ترجمان چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ مڪمل ڳالهين ۽ اتفاق راءِ سان اهم فيصلا ڪيا ويا. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي سدا جو سياسي خانه بدوش آهي، لڳي ٿو ته قريشي صاحب نئون سياسي سفر سروع ڪرڻ وارو آهي. سعيد غني چيو ته جهانگير ترين جي اڳيان شاهه محمود جي دال نه ڳرندي، ممڪن آهي شاهه محمود قريشي ايندڙ اليڪشن آزاد حيثيت ۾ وڙهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل ڪور گروپ جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ٻن سينيئر اڳواڻن شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين ۾ ڏند چڪ ٿي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے