21 اڱارو , آگسٽ 2018

سنڌ اسيمبلي مالي 19-2018 جي شروعاتي ٽن مهينن جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي مالي سال 19-2018 جي شروعاتي ٽن مهينن جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. گڏيل طور تي 3 مهينن جي بجيٽ جي لاءِ 4 کرب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته مخالف ڌر طرفان ڪٽوتي واريون تحريڪون رد ڪيون ويون. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ مالي سال 19-2018 جي ننڍي بجيٽ پيش ڪئي وئي، مخالف ڌر گڏيل طور تي هڪ کرب 10 ارب 65 ڪروڙ 32 لک 98 هزار 800 رپين جي ڪٽوتي واريون تحريڪون ايوان ۾ پيش ڪيون.  مخالف ڌر جو چوڻ هو ته حڪومت سال 2017-2018 ۾ هڪ کرب کان وڌيڪ اضافي خرچ ڪيا آهن جنهن جي ڪٽوتي ضروري آهي پر حڪومت طرفان ان کي رد ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19-2018 جي بجيٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. وڏي وزير ايوان کي ٻڌايو ته رڳو 3 مهينن جي بجيٽ جي منظوري ڏني وئي آهي باقي 9 مهينن جي بجيٽ ايندڙ حڪومت سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرائيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Corps Commander Conference, headed by Army Chief General Qamar Javed Bajwa, with the help of the election process,

دشمن طاقتن طرفان پاڪستان کي اونداهه ۾ ڌڪڻ جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه حج جي سعادت حاصل ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے