22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عمران خان جي هٿ ۾ وزير اعظم وارو ليڪو ئي ناهي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر مولا بخش چانڊئي عمران خان ۽ ن ليگ ٻنهي تي تنقيد ڪئي، هن چيو ته عمران خان جي هٿ ۾ وزير اعظم جو ليڪو ئي ناهي. مولا بخش چانڊئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان 100 ڏينهن وارو پروگرام پيش ڪري وزير اعظم بڻجڻ جي خواهش پوري ڪري رهي آهي، خان صاحب جيڪو 5 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اُهو 100 ڏينهن ۾ ڇا ڪندو؟ هن دعويٰ ڪئي ته اليڪشن اچڻ ڏيو، 100 سونار جي هڪ لوهار جي هوندي. اڳوڻي وزير اعظم تي تنقيد ڪندي مولا بخش چانڊئي چيو ته ميان صاحب پنهنجي ذات جي لاءِ ادارن تي حملي آور آهي، هو پنهنجن مفادن جي لاءِ شيخ مجيب جي رستي تي هلي پيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي چوري ۾ پڪڙجڻ کان پوءِ ميان صاحب کي منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے