18 سومر , جون 2018

ڏکڻ آفريقا ۾ ڌاڙي جي واردات دوران 2 پاڪستاني ڀائر مارجي ويا

جوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت تي 2 پاڪستاني ڀائر قتل ٿي ويا. ميڊيا جي رپورٽن موجب ڏکڻ آفريقا جي شهر جوهانسبرگ جي ٻهراڙي واري علائقي ۾ ٽي ڀائر رضا المصطفيٰ، رضا العطا ۽ رضا المرتضيٰ جي گهر ۾ ڌاڙي جي واردات ٿي جنهن ۾ مزاحمت تي ٻه ڀائر مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. واقعي ۾ مارجي ويل رضا المصطفيٰ جو پٽ فاروق پنجاب جي دارالخلافه لاهور جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو. مقتول جي پٽ ٻڌايو ته سندس پيءُ ۽ چاچا گذريل 6 سالن کان ڪاروبار جي سلسلي ۾ ڏکڻ آفريقا ۾ ترسيل هئا، گذريل رات انهن جي گهر ۾ ڌاڙي جو اطلاع ڏنو ويو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ان واقعي دوران ٻه ڄڻا مارجي ويا آهن جن ۾ والد ۽ چاچو شامل آهن جڏهن ته ٻيو چاچو زخمي آهي. مقتول رضا المصطفيٰ جي پٽ فاروق جو چوڻ آهي ته سندس پيءُ هاڪي جو اڳوڻو رانديگر هو. مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته هنن کي ٻڌايو  ويو ته ڌاڙو رات جي وقت ۾ لڳو ۽ ڌاڙيل گهر ۾ گهڙي آيا، ان تي هڪ ڀاءَ مزاحمت ڪئي ته ڌاڙيلن فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ٻه ڀائر ٿڏي تي مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو جيڪو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The decision to change women's list of reserved seats by the PTI

پي ٽي آءِ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ تبديل ڪرڻ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے