22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عمران خان جو 100 ڏينهن وارو حڪومتي پلان: ن ليگي اڳواڻن جي پي ٽي آءِ تي ڇتي تنقيد

Opposition opposes the masses, we promised: Ahsan Iqbal

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳوڻن عمران خان جي 100 ڏينهن واري حڪومتي پلان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جڏهن سندس پروگرام ڏٺو ته کل نڪري وئي. اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل، هارون اختر ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزير اويس لغاري گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جي 100  ڏينهن واري حڪومتي پلان تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو. پريس ڪانفرنس دوران گهرو وزير احسن اقبال چيو ته اسان جي سياست ۾ سکڻيو ڳالهيون ڪندڙن کي کوٽ ناهي اسان جڏهن اهڙن سياستدانن جو 100 ڏينهن وارو پروگرام ڏٺو ته کل نڪري وئي ڇو ته نقل جي لاءِ به عقل لازمي هئڻ گهرجي.  هن چيو ته عمران خان جو 100 ڏينهن وارو پروگرام حقيقت تي ٻڌل ناهي، هن 2013 ۾ به ڪي پي لاءِ 90 ڏينهن وارو ايجنڊا ڏنو هو پر پي ٽي آءِ  پنهنجي  پنج سالن جي حڪومت ۾ ڪو به ڪم نه ڪيو.گهرو وزير چيو ته عمران خان نيٽو ڪمانڊر آهي، نو ايڪشن ٽاڪ اونلي، توهان عمران خان کان جيتري به تقرير ڪرايو پر عمل زيرو آهي، 100 ڏينهن واري ايجنڊا ڏسو، حڪومت ۾ احتساب ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي. ڪي پي ۾ احتساب ڪميشن کي تالو لڳايو ويو، پارلياماني پارٽي جي ميمبرن ڪرپشن جا الزام لڳايا، پارٽي جي چيف ڪمشنر کي فارغ ڪيو ويو، اتحادين کي  ڪرپشن جي الزامن تي ٻاهر ڪڍيو وري واپس آندو ويو. ان موقعي ته پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته ڏکڻ پنجاب تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جو چيو ويو، ڏکڻ پنجاب تي اسان ئي ته ٺهراءُ منظور ڪرائي چڪا آهيون، واٽر پاليسي ٻه هفتا اڳ پرويز خٽڪ جي صيحيح سان جاري ڪئي وئي، اهو رڳو واٽر پاليسي ٽي وي تي اچي سمجهايو اسان ان کي مڃينداسين. هارون اختر چيو ته ڦُريل پيسو واپس آڻڻ لاءِ ٽاسڪ فورس ٺاهڻ جو چيو ويو، اڄ تائين سموري دنيا ۾ ڪا به ٽاسڪ فورش ڏنڊي جي زور تي پيسو واپس ناهي آڻي سگهي، جيڪو قانوني طريقڪار آهي اسان ان کي اختيار ڪيو ۽ ملڪن سان معاهدا ڪيا.پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان جي 100 ڏينهن واري حڪومت پلان تي ڪيتري لاڳت ايندي؟ نئون صوبو ٺاهڻ تي 50 ارب رپيا لڳندا، 80 لک خاندانن جي امداد لاءِ 185 ارب لاڳت ايندي، هڪ ڪروڙ نوڪرين لاءِ 140 ارب رپيا لڳندا، ساليانو 5 لک گهر ٺاهڻ تي 100 ارب لاڳت ايندي ۽ مجموعي طور تي 1598 ارب رپيا سالياني لاڳت ايندي. ناڻي واري وزير چيو ته عمران خان جي پلان تي 5 ورهين ۾ 8 ٽريلين لاڳت ايندي، مجموعي خسارو 4 مان وڌي  8.9 سيڪڙو تائين پهچي ويندو، انڪري عمران خان کان پڇو وڃي سالياني 1600 ارب ڪٿان آڻيندو؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي آرمي چيف جي ڀڀڪين کانپوءِ پاڪستاني سياستدان به ميدان تي اچي ويا

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف جي ڌمڪين کانپوءِ پاڪستاني سياستدان به ميدان تي اچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے