26 اربع , سيپٽمبر 2018

ڏکڻ آفريڪا ۾ ڌاڙي  دوران مزاحمت ڪرڻ تي  2 پاڪستاني ڀائر قتل

Two Pakistani Borders Killed In Rescue During Swing In South Africaجوهانسبرگ(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي ڌاڙي دوران مزاحمت ڪرڻ تي ٻن پاڪستاني ڀائرن کي قتل ڪيو ويو. ميڊيا جي رپورٽن موجب ڏکڻ آفريڪا جي شهر جوهانسبرگ جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ ٽن ڀائرن رضا المطفيٰ، رضا العطا ۽ رضا المرتضيٰ جي گهر ۾ ڌاڙي جي واردات ٿي جنهن ۾ مزاحمت ڪرڻ تي ٻه ڀائر قتل جڏهن هڪ زخمي ٿي پيو. واقعي ۾ فوت ٿيل رضا المطفيٰ جو پٽ فاروق پنجاب جي گادي واري شهر لاهور جي گورنمنٽ ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. مقتول جي پٽ ٻڌايو ته سندس والد ۽ ٻه چاچا گذريل 6 ورهين کان ڪاروباري سلسلي ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ترسيل هئا، گذريل رات سندن گهر تي ڌاڙي جا اطلاع ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ان واقعي دوران مارجي ويلن ۾ والد ۽ چاچو شامل آهي جڏهن هڪ چاچو زخمي آهي.مقتول رضا المطفيٰ جي پٽ فاروق چيو آهي ته سندس والد هاڪي جو اڳوڻو رانديگر آهي، مقتولن جي وارثن چيو آهي ته ڌاڙي واري ڪاروائي رات جي وقت ۾ ڪئي وئي ۽ چوري گهر اندر گهڙي آيا، ان تي ڀاءُ مزاحمت ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ٻه ڀائر ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو،  جيڪو مقامي اسپتال ۾ داخل آهي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي. وارثن موجت مقتولن جا لاش هن وقت تائين سندن حوالي ناهن ڪيا ويا. لاش حوالي ڪرڻ لاءِ قانوني ڪاروائي جاري آهي، جيئن لاش حوالي ڪيا ويندا کين پاڪستان آندو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ ”سالياني عام بحث“ جي شروعات

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي واري اجلاس ۾ اڄ کان”سالياني عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے