18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

پريانڪا چوپڙا جي روهنگيا پناهگيرن سان ملاقات

Meet priyanka Chopra's Refugee Refugeesڍاڪا(شوبز نيوز)باليووڊ جي مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا گذريل ڏينهن بنگلاديش ۾ پناهه ورتل روهنيا پناهگيرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان گڏ وقت گذاريو. اداڪارا پريانڪا چوپڙا 2016 کان عالمي اداري يونيسيف جي سفير آهي، ۽ هو گذريل ڏينهن يونيسيف جي ٽيم سان گڏ بنگلاديش ۾ ترسيل مظلوم روهنگيا مسلمان مهاجرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ بنگلاديش پهتي جتي هن نه رڳو پناهگيرن سان ملاقات ڪئي پر انهن سان گڏ وقت پڻ گذاريو. روهنگيا پناهگيرن سان گڏ ملاقات واريون تصويرون انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيون ۽ جذباتي پيغام لکندي اطلاع ڏنو ته هو هن وقت بنگلاديش جي ڪوڪس بازار ۾ موجود آهي جيڪا دنيا جي سڀ کان وڏي مهاجر ڪيمپن منجهان هڪ آهي، 2017 جي وچ ۾ دنيا ميانمار(برما) جي دل ڏکائيندڙ تصويرون ڏٺيون، ان ظلم بعد تقريبن 7لک روهنگيا سان واسطو رکندڙ ماڻهن بنگلاديش ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، جن ۾ 60 سيڪڙو ٻارڙا شامل آهن، هتي ڪيتريون ئي عورتون مهينا گذرڻ باوجود هن وقت به ڪمزور آهن جڏهن ته ڪيرائي ماڻهون مختصر ڪيمپن رهڻ تي مجبور آهن ۽ کين اها ڄاڻ به ناهي ته کين ٻي خوراڪ ڪڏهن ملندي. هتي موجود ماڻهن جيئن پاڻ کي محفوظ سمجهڻ لڳندا آهن  چوماسي وارو موسم اچي ويندي آهي انهن جي جوڙيل جهان کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ.  هتي ٻارڙن جو هڪ پورو نسل موجود آهي، جن جو ڪو به مسقبل ناهي، انهن جي کلڻ ۾ سندس اکين جي خالي صورتحال ڏسي سگهجي ٿي.انهن ٻارڙن کي اسان جي همدردي ۽ مدد جي ضرورت آهي، دنيا کي گهرجي ته انهن جي مدد ڪري هي اسانجو مستبقل آهن. واضح رهي ته پريانڪا چوپڙا مسلمانن جي لاءِ پنهنجي دل احترام رکي ٿي، گذريل سال به هن اردن ۾ قائم شامي مهاجرن جي ڪيمپن جو دورو ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Humayun Saeed is not happy, news about the trouble for the fans has come, so what?

همايون سعيد خوش ناهي، مداحن لاءِ پريشاني واري خبر اچي وئي، اهڙو ڇا ٿيو آهي؟

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار همايون سعيد چيو آهي ته عيدالضحيٰ تي هڪ ئي وقت 3 پاڪستاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے