23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان فٽبال فيڊريشن برازيل جي ٽرينر جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون

Pakistan Football Federation acquired Brazilian trainer servicesلاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي رانديگرن جي تربيت جي لاءِ برازيل جي ڪوچ کانپوءِ برازيل جي ٽرينر جون به خدمتون حاصل ڪري ورتيون. ايشين گيمز جي تياري جي لاءِ رانديگرن جو ڪيمپ 25 مئي کان لاهور ۾ شروع ٿيندي، ۽ برازيلن ٽرينر جواز رابرٽو پورٽيلا ڪيمپ جي دوران رانديگرن کي تربيت ڏيندو.  ان کان اڳ پاڪستان فٽبال فيڊريشن برازيل جي ڪوچ جوز انتونيوناگورا جون خدمتون حاصل ڪيون هيون جيڪو ڪراچي۾ رانديگرن کي ٽپس ڏئي رهيو آهي. پاڪستان فٽبال فيڊريشن برازيلن ڪوچ سان 3 سالن جو معاهدو ڪيو آهي، ۽ هي اهو ئي ڪوچ آهي جيڪو برازيل جي قومي فٽبال ٽيم جي ڪوچنگ جا فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. ياد رهي ته ايشين گيمز جي لاءِ رانديگرن جي چونڊ ڪراچي ۾ ٿيندڙ چيلنج ڪپ دوران ڪئي وئي، جڏهن ته لاهور ۾ لڳندڙ ڪيمپ ۾ 60 رانديگرن کي دعوت ڏني ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪوچ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ايڇ ايف سان اختلاف وڌڻ تي پاڪستان هاڪي ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے