23 آچر , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ:اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي جي عبوري ضمانت منظور

Supreme Court: The interim bail passed by former IG Ghulam Haider Jamaliاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي  پوليس ۾ ڀرتين بابت اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدرجمالي جي عبوري ضمانت منظور ڪندي جوابدار کي 5 لک رپين جا مچلڪا 5 ڏينهن ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس منظور ملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ غلام حيدرجمالي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،  ان موقعي ته آءِ جي سنڌ جو وڪيل لطيف کوسه عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران وڪيل لطيف کوسه ٻڌايو ته پوليس ڪانسٽيبلن جي مقرري ۾ اڳوڻي آءِ جي جو ڪو به ڪردار ناهي، 14-2013 ۾ مقرري آءِ جي سنڌ جي ذميداري نه هئي.جنهن تي جسٽس منظور ملڪ سوال ڪندي چيو ته غيرقانوني ڀرتي ٿيندڙ هن وقت تائين ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن ته لطيف کوسه جواب ڏيندي چيو ته ڪجهه ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه روزاني بنيادن تي ناهن.  جنهن بعد عدالت ان معاملي ۾ قومي احتساب بيورو(نيب) کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 7 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان کي 100 ڏينهن جي پلان ۽ نئين مڪاني نظام تي بريفنگ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان کي لاهور ۾ اجلاس دوران حڪومت جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے