22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

گوگل”نيوز ايپ“ اَپ ڊيٽ ڪري ڇڏي، آرٽيفيشل انٽيليجنس به شامل

Google has updated "News app", including artilleryڪيلفورنيا(ويب ڊيسڪ) گوگل ڪمپني هٿرادو ذهانت يعني آريفيشل انٽيليجنس جو استعمال ڪندي”گوگل نيوز ايپ“ کي اَپ ڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان واهپيدارن کي خبرون حاصل ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي. گوگل ڪمپني گذريل هفتي پنهنجي آءِ او ڊيولپر ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو هو ته هٿرادو ذهانت جي مدد سان واهپيدارن کي پوري دنيا جي سمورين خبرون فوري طور ۽ آساني سان حاصل ٿي سگهنديون، ڇو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس واهپيدارن جي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي ڪم ڪندي.گول نيوز ايپ کي هاڻ آءِ او ايس واهپيدارن پڻ استعمال ڪري سگهن ٿا، ڇو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان اهي ايپل جي ايپ اسٽور ۾ پڻ دستياب آهي. اَپ ڊيٽ ٿيل نيوز ايپ ۾ هيڊلائنز، فل ڪوريج، فيورٽس، نيوز اسٽينڊ ۽ نيوز ڪاسٽ فيچرز پڻ شامل ڪيا ويا آهن. هاڻ گوگل واهپيدارن هيڊلائن ذريعي سان اهو ڄاڻي سگهندا ته سموري دنيا ۾ ڇا اهم ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪاروباري، ٽيڪنالوجي ۽ ٻيون خاص خبرون شامل هونديون. ان جي جي فُل ڪوريج فيچرن سان وهپيدار ڪنهن به خبر کي هر پاسي کان مڪمل طور تي آساني سان ڄاڻي سگهن ٿا، جنهن ۾ خبر جا سمورا تفصيل بيان هوندا، ان کانسواءِ جيڪڏهن ڪنهن اهم شخصيت ڪو ٽوئيٽ ڪيو ته اهو پڻ خبرن ۾ شامل هوندو. وڌيڪ آساني فراهم ڪندي ان ۾”فيورس“ جو فيچر پڻ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن جي مدد سان واهپيدار خبر محفوظ ڪري سگهي ٿو، ته جيئن جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري هو اها خبر اُن وقت نه پڙهي سگهيو ته بعد ۾ فيورٽس ۾ وڃي اُن خبر کي پڙهي وٺي. ٻئي پاسي نيوز ڪاسٽ فيچر اُن سمورين خبرن جو جهلڪيون ڏيکاريندو آهي، جنهن سان واهپيدار جي دلچسپي هوندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے