18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نگران وزيراعظم تي ڊيڊ لاڪ برقرار، وزيراعظم ۽ خورشيد شاهه ۾ سڀاڻي وري ملاقات ٿيندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم جي معاملي تي مشوري لاءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه سان ملاقات ڪئي پر ڪنهن نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو. حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ ۾ باقي 9 ڏينهن رهجي وڃڻ کانپوءِ نگران وزيراعظم جي معاملي تي صلاح مشوري جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو پر ڪنهن نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو. پ پ طرفان اڳوڻي پي سي بي چيئرمين ذڪا اشرف ۽ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني، عبدالرزاق دائود ۽ اڳوڻي گورنر اسٽيٽ بئنڪ ڊاڪٽر عشرت حسين جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن.  ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نگران وزيراعظم جي نالي تي سڀاڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان سڀاڻي ٻيهر ملاقات ٿيندي. هن چيو ته وزيراعظم چيو ته توهان جا نالا سٺا آهن پر اسان جا نالا به سٺا آهن. سندس چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته نگران وزيراعظم جو معاملو حل ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوت سنگهه سڌو جنرل قمر جاويد باجوه جو مداح بڻجي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو اڳوڻو ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو هڪ ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے