21 جمعو , سيپٽمبر 2018

بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ مرد کي خاندان جو سپوت سمجهو ويندو آهي: ثانيه مرزا

Unfortunately, all the family members are considered to be the spoil of our society: sania mirzaنئي دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا چيو آهي ته اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن ڇوڪرو پيدا ٿيندو آهي خاندان جو سپوت چيو ويندو آهي، پر ان کي خاندان ۾ ڌيءُ کي عيب سمجهو ويندو آهي. ياد رهي ته ڀارتي ٽنيس اسٽار ثانيه مرزا ۽ سندس مڙس پاڪستان ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهر ننڍڙي مهمان جي آمد ٿيڻ واري آهي جنهن جي خوشخبري گذريل مهيني ٻنهي ڄڻن دلچسپ انداز ۾ سوشل ميڊيا تي ٻڌائي هئي، ان سان گڏوگڏ اهو پڻ ٻڌايو هو ته سندس ٻار جوخانداني نالو ”مرزا ملڪ“ رکيو ويندو، جيڪو ثانيه ۽ شعيب جي نالن جي آخري حصن مان ورتو آهي آهي. ٽائمز آف انڊيا جي رپورٽ موجب ان فيصلي جي وضاحت ڪندي ثانيه مرزا چيو ته بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ سمجهو ويندو آهي ته هڪ ڇوڪرو ئي خاندان کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو، اهوئي خاندان جو سپوت هوندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو واسطو جنهن خاندان سان آهي، جتي ٻه ڌيئرون هيون، پر اسان کي ڪڏهن به ڀاءُ جي ضرورت محسوس نه ئي ۽ نه ئي وري اسان کي ڪڏهن مختلف ورتاءُ ڪيو ويو . ثانيه مرزا چيو ته پنهنجي پيدا ٿيندڙ ٻار جو نالو مرزا ملڪ رکڻ پٺيان پڻ اها ئي سوچ هئي، هن چيو ته سندس مڙس هڪ اهڙو انسان آهي جيڪو پاڻ به اهو ئي سوچيندو آهي ۽ ڪو مضبوط انسان ئي ائين سوچي سگهي ٿو ته هو پنهنجي نالي سان گڏوگڏ پنهنجي گهرواريءِ جو نالو به لڳائيندو .هن چيو ته پنهنجي ٻار جو نالو مرزا ملڪ ئي رکڻ چاهيون پيا، ۽ اها ئي سوچ اُن وقت پڻ اسان جي ذهن ۾ هئي جڏهن اسان والدين بڻجڻ جي حوالي سان منصوبابندي به نه ڪئي هئي .اسان سدائين ان بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ٻار ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، اسان جي ٻار جي نالي جو هڪ حصو ”مرزا ملڪ“ ئي هوندو، ۽ اسان کي پنهنجي ٿيندڙ ٻار جي نالي سان گڏ پنهنجو نالو جوڙڻ تي پڻ فخر آهي. پنهنجي حياتي مٿان ٺهندڙ فلم بابت سوال جي جواب ۾ ثانيه چيو ته ان حوالي سان ڪيترون ئي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، پر ان فلم بابت هن وقت تائين باقائدا طور تي ڪو به حتمي فيصلو ناهي ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے