21 جمعو , سيپٽمبر 2018

لارڊز ٽيسٽ کان اڳ پاڪستان کي وڏو جهٽڪو، حسن علي انجري جو  شڪار

Pakistan's great fight against Lord Tests, Hassan Ali Angry's huntingلنڊن(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر حسن علي انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ کان اڳ انجري جو شڪار ٿي ويو. حسن علي ليسٽر شائر جي خلاف کيڏيل ٻن ڏينهن واري وارم ميچ دوران زخمي ٿي پيو هو جنهن سبب سندس هٿ ۾ ٽي ٽاڪا لڳا هئا . قومي ٽي جي فزيو ٿراپسٽ جي موجب فاسٽ بالر اڄ ٽريننگ سيشن شرڪت نه ڪندو، جڏهن ته محمد عامر جي فٽنس ۾ ڪافي بهتري آئي آهي ۽ هو پريڪٽس سيشن جو حصو هوندو. انجري جي شڪار فاسٽ بالر حسن علي 24 مئي کان شروع ٿيندڙ لارڊز ٽيسٽ مان اڃان ٻاهر ناهي ٿيو ۽ سليڪشن ڪميٽي اهڙي صورتحال جائزو وٺي رهي آهي. لارڊز ٽيسٽ جي لاءِ پاڪستان جي امڪاني 11 رانديگرن ۾ سرفراز احمد ڪپتان، ٻين رانديگرن ۾ امام الحق، حارث سهيل، اسد شفيق، بابر اعظم، شاداب خان، فهيم اشرف، محمد عامر، محمد عباس ۽ حسن علي شامل هوندا جڏهن ته ميچ پاڪستاني وقت موجب منجهند ٽئين وڳي شروع ٿيندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے