25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ به سخت گرمي واري صورتحال برقرار رهڻ جا امڪان

The situation in Karachi today is expected to maintain a very hot temperamentڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڄ به سخت گرمي واري صورتحال برقرار رهندي، سنڌ جي راڄڌاني ۾ درجه حرارت 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جا امڪان آهن. موسميات واري کاتي موجب منهنجي ٻئين وڳي تائين شهر ۾ گرم ۽ خشڪ هوائون لڳڻ جو امڪان آهي. شهر ۾ اتر اوڀر کان 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهنم، جڏهن ته هوا ۾ گهم جو تناسب 9 سيڪڙو آهي.موسميات واري کاتي جي موجب شهر ۾ جاري هيٽ ويو واري صورتحال خميس تائين برقرار رهڻ جا امڪان آهن، ۽ جمعو 25 مئي کان درجه حرارت ۾ گهٽتائي جي اميد آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ درجه حرارت 44 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن سڀ کان وڌيڪ حرارت ڇوڙ ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ ريڪارڊ ڪيو ويو.موسميات واري کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. جڏهن ته روالپنڊي، ڪي پي جي جابلو علائقن، فاٽا جي جابلو علائقن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪنهن هنڌ هلڪي برسات جا امڪان آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٿر ۾ ٻارڙن جو موت خوراڪ جي کوٽ سبب نه ٿي رهيو آهي: سعيد غني 

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ٿر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے