20 خميس , سيپٽمبر 2018

گهر ۾ رڳو انوشڪا جي ڪپتاني هلندي آهي: ورات ڪوهلي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ورات ڪوهلي جيتوڻيڪ فيلڊ ۾ ٻين رانديگرن کي هدايتون ڏيندي نظر ايندو آهي پر گهر ۾ سندس ڪپتان انوشڪا شرما آهي. تازو هڪ انٽرويو ۾ ورات ڪوهلي پنهنجي گهرواري بابت ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون، جنهن جي ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. انٽرويو دوران جڏهن ورات ڪوهلي کان سوال ڪيو ويو ته ميدان کان ٻاهر مطلب گهر ۾ ڪپتان ڪير هوندو آهي؟ جنهن تي ڪوهلي جواب ڏنو ته بنا ڪنهن شڪ جي انوشڪا. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته انوشڪا شرما سدائين درست فيصلا ڪندي آهي، هوءَ مڪمل طور تي منهنجي طاقت آهي، جيڪا سدائين منهنجي مدد ڪندي آهي ۽ توهان کي پنهنجي لائيف پارٽنر ۾ اهي ئي ڳالهيون گهربل هونديون آهن، تنهن ڪري مان انوشڪا جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته انوشڪا ڪرڪيٽ ۾ به ڏاڍي دلچپسي رکندي آهي، هوءَ راند کي سمجهندي آهي ۽ رانديگرن کي به سمجهي سگهي ٿي ته اهي ڪهڙي صورتحال مان گذري رهيا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه سڀني کان خوبصورت آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے