20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي:عائشه عمر

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل عائشه عمر چيو آهي ته هر ايندڙ ڏينهن نوان چيلنج کڻي ايندوآهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي عائشه عمر چيو ته اداڪاري، ماڊلنگ ۽ گلوڪاري جي شعبا هڪ ٻئي کان مختلف آهن پر ان سان لاڳاپيل هئڻ بعد گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملي رهيو آهي، هر ايندڙ ڏينهن نوان چيلنج کڻي ايندو آهي. عائشه عمر هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته شوبز ۾ پنهنجي اداڪاري جي ميدان نه وسرڻ جهڙا نشان ڇڏڻ چاهيان ٿي، فلم ۽ ٽي وي کانسواءِ هاڻي سنگر طور ميوزڪ پروگرامن ۾ پرفارمنس جي دوران به گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملندو آهي. اداڪارا چيو ته هو سمجهي ته پنهنجي صلاحيتن کي متعارف ڪرائڻ ۽ انهن کي ڏسندڙن تائين پهچائڻ لاءِ فنون لطيفه جي شعبا سڀ کان بهترين آهن. ڪڏهن به نه سوچو هو ته هن شعبي ۾ اهڙي طرح ڪاميابي ملندي. پر ان ڪاميابي کي حاصل ڪرڻ لاءِ مونکي تمام گهڻي ۽ سخت ڪرڻي پئي. ان کانسواءِ جن سينيئرن فنڪارن سان گڏ ڪم ڪيو، انهن پڻ رهنمائي ڪئي ۽ اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. عائشه عمر چيو ته رڳو شوبز ئي زندگي جي سمورن شعبن ۾ ترقي لاءِ محنت، چاهه سان ڪم ڪڻ جي ضرورت هوندي آهي ۽ انکان پوءِ  ئي اسان کي ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي. هن چيو ته هو رڳو هڪ ئي ڳالهه ڄاڻي ٿي ته ڪاميابي سفارش يا پيسي سان ناهي ملندي، ڪاميابي انهن کي ماڻهن جو مقدر بڻجندي آهي جيڪي ان جا حقدار هوندا آهن ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے