22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

لارڊز جي تاريخي ميدان تي ٽيسٽ ڊيبيو ڪرڻ خواب آهي: فخر زمان

Dreaming is a dessert to debate at the historic land of Lords: Fakhar Zamanليسٽر(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان اوپنر فخر زمان لارڊز ۾ ڊيبيو جو خوبصورت خواب نيڻن سجائي ورتو.فخرزمان ليسٽر شائر خلاف ٻن ڏينهن واري پريڪٽس ميچ جي پهرين ڏينهن 98 بالن تي 71 رنسن ٺاهي ڳاڙهي بال سان پنهنجي مهارت جو ثبوت پيش ڪيو، ان دوران هن 14 چوڪا پڻ هنيا، هاڻ سندس نگاهون انگلينڊ خلاف لارڊز ۾ شيڊول پهرين ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪرڻ تي کتل آهن،  جڏهن ته اوپنگ پوزيشن لاءِ سندس مقابلو اظهر علي ۽ امام الحق سان ٿيندو. امام آئرلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ جي ٻي اننگز ۾ فتحاڻي اننگز کيڏي پنهنجي ڪيس کي مضبوط ڪري چڪو آهي جڏهن ته اظهر علي به ليسٽر شائر خلاف ميچ ۾ 73 رنسون ٺاهي فارم ۾ واپسي جو اشارو ڏنو آهي، انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکڻ باوجود فخر زمان کي پوري اميد آهي ته هو لارڊز ۾ ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات وارو خواب پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.ان حوالي سان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر فخر زمان چيو ته ان ڳالهه تي مڪمل طور تي دارومدار ڪوچن تي آهي، تمام گهڻو پر اميد آهيان پر ڏسڻو آهي ته ڪوچنگ اسٽاف ڪهڙو فيصلو ڪري ٿو.جيڏهن منهنجي چونڊ ڪئي وئي ته يقينن اها منهنجي لاءِ تمام گهڻي خوشي واري ڳالهه هوندي لارڊز جي تاريخي ميدان تي ٽيسٽ ڊيبيو ڪرڻ خواب آهي  ۽ مان خوش هوندس.  اوپنر چيو ته هو تقريبن 6 ميهنن کان ڳاڙهي بال سان ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، انڪري ليسٽر شائر جي خلاف اننگز هن لاءِ ٿورو مخلتف هئي  پر جيئن ته هڪ مهيني کان ڳاڙهي بال سان پريڪٽس ڪري رهيو هئس انڪري گهڻي پريشاني نه ٿي، شروع ۾ جارحاڻي انداز سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر هڪ ميزبان بالر سٺي لائن لينٿ تي بالنگ ڪري رهيا هئا ٻيو وري وڪيٽ تي آزادي سان رنسون اسڪور ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي.انڪري بال جو انتظار ڪرڻو پيو پوي. مصباح الحق ۽ يونس خان جي ريٽائرمنٽ کانپوءِ مڊل آرڊر ۾ خالي جاءِ جي حوالي سان فخر زمان چيو ته اسان وٽ بهترين مڊل آرڊر بيٽسمين موجود آهن، عثمان صلاح الدين بيٽنگ توهان ڏسي چڪا آهيو، سعد علي ٿوڙو بدقمست آهي پر هو ريٽائرڊ اسٽار ڪرڪيٽرن جي جاءِ وٺي سگهي ٿو، اسان لاءِ بهترين موقعا موجود آهن، اميد آهي ته جڏهن اسان کي موقعو ملندو اسان ان کي ٻنهي هٿن سان پڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪوهلي جي نه هجڻ سان ڀارتي ٽيم تي فرق ضرور پوندو: سرفراز احمد

دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ورات ڪوهلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے