25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ٽيم ۾ جاءِ پڪي ڪرڻ چاهيان ٿو ”ريڊ بال“ سان کيڏڻ لا بي چين آهي:مارڪ ووڊ

I want to place a place in the team to play with "Red Ball" is China: Mark Woodلنڊن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان خلاف ٽيسٽ سريز ۾ مارڪ ووڊ ڳاڙهي پاڻ ملهائڻ لاءِ تيار آهي، انگلش فاسٽ بالر مارڪ ووڊ کي  آءِ پي ايل ۾ چنئي سپر ڪنگز حاصل ڪيو هو پر پهرين ميچ ۾ بنا ڪنهن وڪيٽ جي 49 رنسن ڏيندڙ فاسٽ بالر کي ٻيهر موقعو نه ڏنو ويو، هو تقريبن هڪ مهيني تائين نيٽ تي بالنگ پريڪٽس ڪندو رهيو،  جنهن بعد انگلينڊ جي ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ اينڊريو اسٽروس کيس واپس گهرائيندي درهم طرفان ڪائونٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي هدايت ڪئي، جتي هن ڊربي شائر جي خالف ڪيريئر بيسٽ 46 رنسن عوض 6 وڪيٽن جي ڪارڪردگي ڏيکاري، ان ڪارڪردگي جي بنياد تي انگلش سليڪٽر ايڊ اسمٿ پنهنجي پهرين ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ سندس نالو به شامل ڪيو آهي. مارڪ ووڊ کي پاڪستان خلاف لارڊز ۾ ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ کيڏائڻ جا چٽا امڪان ۽ هو پاڻ به ٽيسٽ ٽيم جاءِ ٺاهڻ لاءِ پر اعتماد آهي، خاص طور تي هو ان ڳالهه ته تمام گهڻو خوش آهي ته هن فٽنس مسئلن مان ڇٽڪارو حاصل ڪري ورتو آهي، هو 2015 ۽ 2016 ۾ ٽي ڀيرا کُڙي جي سرجري واري مرحلي مان گذري چڪو آهي. مارڪ ووڊ چيو ته سندس 7 ميهنا بنا انجري جي گذريا آهن، ائين پهريان ڪڏهن به ناهي ٿيو، انگلينڊ جي طرفان جنهن به فارميٽ ۾ کيڏڻ جو موقعو ملندو آهي ان تي خوشي ٿيندي آهي، ڀلي اهو ٽي 20 يا وري ون ڊي ڪرڪيٽ مان تمام گهڻو لطف اندوز ٿيندو آهيان، پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ جاءِ مضبوظ ڪرڻ چاهيان ٿو.انگلش فاسٽ بالر وڌيڪ چيو ته هن کي ”ڳاڙهي بال“ سان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي ۾ مستقل مزاجي جي ضرورت آهي، سليڪٽرن ڪوچن تي گهڻو ڪجهه ثابت ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٽيسٽ ۾ موقعو ملڻ تي پنهنجي ڪارڪردگي سان نه رڳو ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس پر پنهنجي جاءِ به مضبوط ڪندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: ڀارت هڪ دفعو وري پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سرپر فور جي هڪ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے