20 خميس , سيپٽمبر 2018

نڪولاس مادورو ٻيهر وينزويلا جو صدر چونڊجي ويو

Nicolez Maduro was elected president of Venezuela againڪاراڪس(ويب ڊيسڪ) وينزويلا جي صدر نڪولاس مادورو ٻيهر صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي. اليڪشن ڪميشن موجب نڪولاس مادورو 67.7 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري 6 سالن لاءِ وينزويلا جو صدر چونڊجي ويو. مادورو جي مخالف هنري فالڪن 21.2 سڪيڙو ووٽ حاصل ڪري سگهيو.اليڪشن ۾ ووٽ ڪاسٽ جي شرح 46.1 سيڪڙو رهي، نڪولاس مادورو کي 58 لک جڏهن هنري فالڪن کي 18 لک ووٽ مليا. هوڏانهن اليڪشن ۾ ڪاميابي بعد پنهنجن حامين کي خطاب ڪندي نڪولاس مادورو چيو ته اڄ تاريخي ۽ حسين ڪاميابي جو ڏينهن آهي، مخالفن گهٽ سمجهو، جڏهن ته ان کان اڳ ڪو به اميدوار چونڊن ۾ 68 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو. ياد رهي ته نڪولاس مادورو ملڪ جي مشهور ترين اڳواڻ هوگو شاويز جي وفات بعد اقتدار سنڀاليو هو، شروع ۾ ته حالتون ٺيڪ رهيون پر تيل جي قيمتن ۾ سخت کوٽ سبب وينزويلا ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويو، وينزويلا جي معيشت جو سڄو دارومدار تيل تي آهي، جنهن سبب مهانگائي بي روزگاري تي حڪومت خلاف سخت احتجاج شروع ڪيا ويا، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهون فوت ۽ زخمي ٿيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

US blamed Russia and China for the help of nuclear weapons program

اترڪوريا جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام ۾ مدد جو  الزام،آمريڪا روس ۽ چين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

واشنگٽن/سيئول( ويب ڊيسڪ ) اتر ڪوريا جي ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام جي مدد ڪرڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے