26 اربع , سيپٽمبر 2018

مودي جو ڪشمير وارو دورو فوجي آپريشن کان وڌيڪ ڪجهه به نه هو:ڪُل جماعتي حريت ڪانفرنس

Modi's Kashmir visit was nothing more than military operation: The Total Democratic Hurriyat Conferenceسرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڪُل جماعتي حريت ڪانفرنس چيو آهي ته نريندر مودي جو والاريل ڪشمير وارو دورو هڪ فوجي آپريشن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه هو، سمورن آبادين کي بندوق جي ناليءَ تي يرغمال بڻايو ويو. ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪُل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڀارت سدائين فوجي طاقت ذريعي محڪوم ڪشميرن کي خوف ۾ مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ۽ جڏهن به ڪو ڀارتي حڪمران ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندو آهي ته نام نهاد سيڪيورٽي جي نالي تي هتي پابندين جو سلسلو تيز ڪيوويندو آهي. ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جو والاريل واديءَ جي دوري تي هتان جي پوري آبادي کي بندوق جي ناليءَ تي يرغمال بڻايو ويو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس چيئرمين سيد علي گيلاني، اشريف صحرائي ۽ ٻين ڪشميرن اڳواڻن کي گهرن، ٿاڻن ۽ جلين ۾ نظربند رکڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته گهري سازش سان ڪشميرن کي آزادي واري تحريڪ کان نٿا روڪي سگهن. علي گيلاني مولوي محمد فاروق، خواجه عبدالغني ۽ هول جي شيهدن کي سندن شهادت واري ورسي تي خراج پيش ڪندي سندن لاءِ دعا گهري. هوڏانهن باره موله ضلعي ۾ سوپور واري علائقي آرمپوره ۾ ڀارتي پوليس پرامن احتجاجي مظاهرو ڪندڙن مٿان ڪڙڪي پئي، ڪاروائي دوران 9 ورهين جي ٻارڙي سخت زخمي ٿي پئي.والاريل ڪشمير ۾ هاءِ ڪورٽ قابض انتظاميا طرفان حريت اڳواڻن علام محمد سوپوري سميت 9 ڄڻن تي لاڳو ڪاري قانون پبلڪ سيفٽي ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيندي کين فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ ”سالياني عام بحث“ جي شروعات

نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي واري اجلاس ۾ اڄ کان”سالياني عام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے