20 خميس , سيپٽمبر 2018

صوف جو ٻج ڪيترن ئي قسمن جي ڪينسر کان محفوظ رکي سگهي ٿو ماهر

 نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)صوف جي طبي فائدن کان ته اسان واقف آهيون پر هاڻ ماهرن ان جي ٻج جو اهڙو حيران ڪندڙ فائدو ٻڌائي ڇڏيو آهي جو اوهان ٻڌي حيران رهجي ويندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته صوف جو ٻج انسان کي ڪيترن قسمن جي ڪينسر کان محفوظ رکي سگهي ٿو ۽ جن ماڻهن کي ڪينسر ٿي چڪو آهي ان ۾ ان موذي مرض جي خاتمي ۾ مدد ڏئي ٿو. صوف جي ٻج ۾ وٽامن بي 17 ملندو آهي اهو اهڙو وٽامن آهي جيڪو اسان ڪڏهن ڪڏهن ئي وٺندا آهيون. بي 17 وٽامن ڪيترن ئي قسمن جي ڪينسر کي ٿيڻ کان روڪيندو آهي ايتري قدر جو اهو ڪينسر جي ٽيومرز جي واڌ ويجهه روڪڻ جو ڪم به ڪندو آهي اهو ٻين ڪيترن ئي طرح جي وٽامنز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ملي ڪم ڪندو آهي ۽ اسان جي جسم ۾ موجود خطرناڪ خلين کي ختم ڪندو آهي جڏهن ته سائنسدانن جو چوڻ هو ته صوف جي ٻج ۾ سائنائيڊ نالي زهريلو مادو به ملندو آهي يعني صوف جا ٻج ماهر ڊاڪر کان مشوري کان بنا هرگز استعمال نه ڪرڻ گهرجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے