24 سومر , سيپٽمبر 2018

فاسٽ بالر روما رئيس انجري مان ڇٽڪارو حاصل ڪري ورتو، پريڪٽس شروع

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ميچ دوران زخمي ٿيڻ بعد رومان رئيس پهريون ڀيرو رن سان گڏ بالنگ ڪئي. فاسٽ بالر رومان رئيس انجري مان ڇٽڪارو حاصل ڪري ورتو، هن بالنگ جي ٻيهر شروعات ڪري ڇڏي. فاسٽ بالر رومان رئيس پي ايس ايل جي ٽيئن سيزن ۾ ڪوئيٽا گليڊ ايٽرز جي خلاف ميچ ۾ ڊائيو لڳائي بال روڪڻ جي ڪوشش ۾ انجري جو شڪار ٿي ويو هو . جنهن بعد ڊاڪٽرن کيس آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو، جڏهن ته هاڻ رومان رئيس جي طبيعت ۾ بهتري اچڻ بعد نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ مختصر رن اپ سان بالنگ جو شروعات ڪري ڇڏي آهي، رومان رئيس چيو آهي ته هو ڊاڪٽرن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ بعد انجري ۾ سڌارو اچي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pak-India Match: Consulting the National Team by the former and Moda cricketers

پاڪ-ڀارت دنگل: اڳوڻن ۽ موجودا ڪرڪيٽرن پاران قومي ٽيم کي مشورا

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) ڀارت خلاف هاءِ وولٽيج ٽاڪري لاءِ اڳوڻن ۽ موجودا ڪرڪيٽرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے