20 خميس , سيپٽمبر 2018

اداڪارا سشميتا سين ايوارڊ تقريب ۾ بدتميزي ڪندڙ ڇوڪري کي معاف ڪري ڇڏيو

Pikharara Sushmita San Sanshaar has forgiven the girl who was abducted in the eventممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ ادڪارا ۽ اڳوڻي مس يونيورس سشميتا سين انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڇوڪري ساڻس بدتميزي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن ان ڇوڪري کي معاف ڪري ڇڏيو . ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اڳوڻي مس يونيورس ۽ بالي ووڊ اداڪارا سشميتا سين انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هڪ ايوارڊ تقريب دوران هڪ ڇوڪري ساڻس بدتميزي ڪئي، هن اهو محسوس ڪيو ته منهنجي آس پاس بيٺل هجوم ۾ مونکي ڪا به خبر نه پوندي،  پر اها  هن جي غلط فهمي هئي، ادڪارا  چيو ته هن فوري طوري سندس هٿ پڪڙي ورتو، مونکي اهو ڏسي حيراني ٿي ته هن ڇوڪري جي عمر رڳو 15 ورهيه هئي. سشميتا سين وڌيڪ چيو ته مان ان ڇوڪري کي ٿورو پرڀرو وٺي ويس ۽ کيس چيو ته مان چاهيان ته گوڙ ڪري تنهنجي ڪيل حرڪت جو سڀني کي ٻڌائي سگهان ٿي جنهن سان تنهنجي سموري زندگي برباد ٿي سگهي ٿي. اداڪارا چيو ته شروع ۾ ان ڇوڪري پنهنجي غلطي مڃڻ کان انڪار ڪندو رهيو پر جڏهن مان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته پوءِ هن کي پنهنجي ڪيل حرڪت جو احساس ٿيو، ۽ هن معافي وٺندي چيو ته هاڻ ائين نه ڪندس.اداڪارا چيو ته ان چوڪري خلاف ڪو به ايڪشن نه ورتو ڇو ته مونکي ڄاڻ هئي ته هو 15 ورهين جو نابالغ ڇوڪرو آهي، جنهن کي پنهنجي والدين اهو ناهي سيکاريو ته اهڙي حرڪت مذاق نه پر ڏوهه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے