23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ اڄ به گرميءَ جي شدت برقرار، پارو 44 ڊگري تائين پهچڻ جا امڪان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سامونڊي هوائن بيهڻ بعد اڄ به درجه حرارت 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي، جڏهن موسميات واري کاتي چيو آهي ته اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. موسميات واري کاتي موجب ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بيهي ويون آهن ، جنهن بعد ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم سخت گرم ۽ وڌ کان وڌ درجه حرارت 44 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو  امڪان آهي. موسميات واري کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 10 سڪيڙو آهي جڏهن ته بلوچستان جي گرم ۽ خشڪ هوا 10 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان لڳڻ جو امڪان آهي. موسميا ت کاتي طرفان ڪراچي جي شهرين کي اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو ويو آحي ته گرمي جي صورتحال اربع تائين برقرار رهي سگهي ٿي. موسم جي صورتحال ٻڌائيندي اداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ چويهه ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جا امڪان آهن ، جڏهن مالاڪنڊ ڊويزن ۽ پهاڙي علائقن جي ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي سگهي ٿي.

گرميءَ کان بچاءُ جا نسخا

شهري هيٽ ويو کان بچڻ جي لاءِ احتياطي نسخا اختيار ڪندي بنا ڪنهن ڪم ڪار جي گهر کان ٻاهر نه نڪر، ۽ گهر کان ٻاهر نڪرن تي مٿو ڍڪن. عوام سخت گرميءَ ۾ هلڪي رنگ ۽ نرم ڪپڙا پائڻ کي ترجيح ڏين، اهو طريقو گرميءَ جو احساس گهٽائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي پروٽوڪول تي احتجاج ڪندڙ شهري تي ڪيس داخل

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) صدر عارف علوي جو پروٽوڪول ٽوڙڻ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے