19 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڪستان جي احتجاج جي باوجود ڀارت گشن گنگا پاور پلانٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

سرينگر(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سخت احتجاج جي باوجود ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي والاريل ڪشمير ۾ ڪشن گنگا هائيڊرو پاور پلانٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. برطانوي خابرو اداري موجب نريندر مودي والاريل ڪشمير ۾ 330 ميگا واٽ جي ڪشن گنگا هائيڊرو پاور پلانت جو افتتاح ڪيو جنهن تي پاڪستان کي اعتراض آهي ۽ پاڪستان جو موقف آهي ته اهو منصوبو اُن درياهه تي بڻايو ويو آهي جنهن جو پاڻي پاڪستان ايندو آهي ۽ ان منصوبي سان پاڻي جي سپلاءِ متاثر ٿيندي. ڪشن گنگا پاور اسٽيشن تي ڪم جو آغاز 2009ع ۾ ٿيو هيو. سري نگر ۾ پروجيڪٽ جي افتتاح جي موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ نريندر مودي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير توانائي جي پيداوار ۾ خودڪفيل ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسحاق ڊار کي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي سربراهي تان هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار کي يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے