19 اربع , سيپٽمبر 2018

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال ووٽ ڏيڻ بابت فارمولو ٻڌائي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ ۾ ڪجهه ڏينهن باقي آهن ۽ سياسي پارٽين ايندڙ چونڊڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. حڪمران پارٽي گذريل پنجبن ۾ ڪيل ترقياتي ڪمن کي جواز بڻائي ووٽ جو تقاضو ڪري رهي آهي ته مخالف پارٽين حڪمران پارٽي جي ناڪامين جي پرچار ڪرڻ ۾ مصروف آهن اهڙي صورتحال ۾ ووٽ ڪنهن کي ڏيڻو آهي؟ عوام جي لاءِ اِهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي پر وفاقي گهرو وزير احسن اقبال قوم کي هڪ فارمولو ٻڌائي ڇڏيو آهي. احسن اقبال موجب عوام ان فارمولي تي عمل ڪندڙ آساني سان فيصلو ڪري سگهي ٿو ته هن کي ڪهڙي پارٽي کي ووٽ ڏيڻ گهرجي ۽ ڪهڙي کي نه ڏيڻ گهرجي.احسن اقبال سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ” سوال: آئون اِهو فيصلو ڪيئن ڪيا ته پي ايم ايل اين، پ پ پ يا پي ٽي آءِ مان ڪهڙي پارٽي عاوم جي بهترين خدمت ڪري سگهي ٿي؟ جواب: قوم 2013ع ۾ ٽنهي پارٽين کي ذميواري ڏني. لاهور، ڪراچي ۽ پشاور ۾ هڪ هڪ ڏينهن گذاريو، توهان کي چڱي ريت خبر پئجي ويندي ته ڪير عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڪيترو قابل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے