22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: نواب ولي محمد: پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن  جو احتجاج

* نواب ولي محمد ۾ دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن پاران   احتجاج ڪيو ويو .

آبادگارن ۽ ڪڙمين خميسو خان ڀنڊ ، انور علي ٻگهيو،  ظفر علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته دولتپور شاخ جي پڇڙي ۾ 26 سالن کان پاڻي ناهي آيو ، منڍ جا بااثر زميندار  ايريگيشن عملدار جي ملي ڀڳت سان پڇڙيءَ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته دولتپور کان لاکاٽ تائين شاخ ۾ واري اڏامي پئي جنهن ڪري هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻيل آهي

 آبادگارن وزير اعظم پاڪستان، چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل  ڪئي ته دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ جي آبادگارن سان ظلم جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي پاڻي پهچايو وڃي ……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے