23 آچر , سيپٽمبر 2018

شهزادي هيري ۽ ادڪارا ميگن جي شاديءَ تي پاڪستاني اداڪارائن طرفان پيغام جاري

Congratulations to the Pakistani actress Jolie on the Princess Herrer and Edgar Marg's weddingلاهور(شوبز نيوز) برطانوي شاهي خاندان ۾ وڌيڪ هڪ جوڙي جي اضافي تي پاڪستان ادڪارائن طرفان خاص پيغام جاري ڪيا ويا. مشهور پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان برطانوي شهزادي هيري ۽ آمريڪي اداڪارا ميگن مارڪل جي شادي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ٽوئٽ ذريعي جذباتي پيغام جاري ڪيو. ماهرا خان شهزادي هيري جو ميگن سان شادي واري فيصلي جي ساراهه ڪندي چيو ته هن سڀني جي خلاف وڃي ان عورت سان شادي جنهن سان هو محبت ڪندو آهي. ماهرا خان ٻنهي جي شادي کي هڪ شاندار مثال قرار ڏيندي لکيو ته يه هي فيصلو عزت جي قابل آهي ته شهزادي هيري جي والد ميگن طرفان شادي جي رسمن کي مڪمل ڪيو. اهڙي طرح ادڪارا ماورا حسين پڻ شاهي شاديءَ تي خوشي جو اظهار ڪيو.اداڪارا عروه حسين ٽوئٽ ذريعي چيو ته پوري دنيا کي رڳو محبت، سٺن عورتن ۽ مڙدن جي ضرورت آهي. گذريل ڏينهن شهزادي هيري ۽ ميگن مارڪل ونڊسر شاهي محل ۾ شادي ڪئي جنهن ۾ برطانيا جي ناليوارين شخصيتن سميت هالي ووڊ ستارن ۽ بالي ووڊ جي اداڪارا پريانڪا چوپڙا پڻ شرڪت ڪئي. ياد رهي ته آمريڪي ادڪارا جي شهزادي هيري سان اها ٻئي شادي آهي هي هن کان عمر ۾ پڻ وڏي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي شادي کي وڏو مثال قرار ڏنو پيو وڃي.ادڪارا ميگن مارڪل جي پهرين شادي 2011 ۾ آمريڪي فلم ساز ٽريور انگلسن سان ڪئي جيڪا رڳو 2 ورهيه تائين قائم رهي سگهي، ٻنهي وچ ۾ اختلاف ايتري حد تائين وڌي ويا جو ان نتيجو عليحدگي تائين وڃي پهتو ۽ 2013 ۾ ميگن مارڪل ٽريور کان طلاق ورتي. جون 2016 ۾ ادڪارا ميگن مارڪل شهزادي هير سان ملاقات ڪئي جنهن بعد ڊگهين ملاقاقتن جو سلسو شروع ٿيو، هڪ ورهيه بعد ٻنهي مڱڻي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ گذريل ڏينهن ٻئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے