25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيها ڌوپيا پاڻ کان ننڍي عمر رکندڙ شخص سان شادي ڪرڻ تي تنقيد جو شڪار

Neutral criticizes marrying at least young personممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ادڪارا نيها ڌوپيا پاڻ کان ٻه ورهيه ننڍي شخص سان گڏ شادي ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻجي وئي. اداڪارا نيها ڌوپيا هلندڙ سال 10 مئي تي پنهنجي ويجهي دوست ۽ اداڪار انگد بيدي سنگهه سان شادي ڪئي هئي.اداڪارا سونم ڪپور ۽ آنند آهوجا جيان نيها ڌوپيا جي شاديءَ جا چرچا پڻ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ميڊيا تي ڇانيل رهيا، جڏهن ته سندس مداحن طرفان ٻنهي کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو پرڻ جاري رهيو ، پر ڪجهه ماڻهن کي نيها جو خوشيو ڀانءَ نه پيون ۽ انهن پاڻ کان ٻه ورهيه ننڍي عمر واري شخص سان شادي ڪرڻ تي اداڪارا کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو .نيها ڌوپيا 37 ورهين جي آهي ۽ سندس مڙس انگد بيدي جي عمر 35 ورهيه آهي، اهو ئي سبب آهي جو عمر جو فرق سوشل ميڊيا واهپيدارن کي نه پسند نه آيو ۽ سوشل ميڊيا ته ادڪارا کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، ويجهڙائي ۾ ئي نيها ڌوپيا پنهنجي مڙس جي ايندڙ فلم”سورما“ جو پوسٽر انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪيو ۽ ان سان گڏ پنهنجي مڙس جي حوالي سان لکيو ته انگد جو دل سون جو آهي.ان تي هڪ صارف نيها ڌوپيا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي لکيو ته ٻه ورهيه ننڍو آهي توکان انگد بيدي، مڙس نه پر ڀاءُ پيو لڳي تنهنجو کيس راکي ٻڌو. نيها کان اهڙي تنقيد برادشت نه ٿي ۽ هن پاڻ مٿان تنقيد ڪندڙ شخص کي ڀرپور جواب ڏيندي چيو ته توهان جي نصيحت جي مهرباني، هاڻي مون ته هڪ اهو احسان ڪيو ۽ پنهنجي زندگي جيو. ياد رهي ته نيها پهرين اداڪارا ناهي جنهن کي پاڻ کان ننڍي عمر واري شخص سان شادي ڪئي آهي پر ان کان اڳ به ڪيترن ئي بالي ووڊ ادڪارائن پاڻ کان ننڍي عمر وارن مڙدن سان شاديون ڪيون آهن، جن ۾ سرفهرست ايشوريا راءِ بچن آهي، جيڪا اڀيشڪ بچن کان ٻه ورهيه وڏي آهي جڏهن ته اداڪارا بپاشا باسو پڻ ڪرن سنگهه گرورو کان عمر ۾ ٽي سال وڏي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٺگس آف هندوستان ۾ عامر خان فرنگي ملاح جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي وڏي فلم” ٺگس آف هندوستان“ جو سڀني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے