25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کي جنس تبديل ڪرڻ جي آزادي ڏيڻ وارو قانون بڻايو پيو وڃي: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت اسيمبلي ۾ 18 سال جي ڇوڪري ۽ ڇوڪري کي جنس تبديل ڪرڻ جي آزادي ڏيڻ وارو قانون پاس ڪري رهي آهي. سراج الحق جامع مسجد منصوره ۾ جمعي جي اجتماع کي خطاب ڪندي چيو ته  حڪمران پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ جي لاءِ آئين سان بغاوت تي لهي آيا آهن. هن چيو ته هڪ پاسي اسرائيل فلسطين ۾ ۽ ڀارت ڪشمير ۾ مسلمانن جو قتل عام ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان ۾ اولهه جي بي حيا ايجنڊي کي پورو ڪرڻ جي لاءِ منهنجو جسم منهنجي مرضي جهڙا بيهوده نعرا هڻي رهيا آهن جڏهن ته حڪومت پنهنجي ئي حال ۾ مست آهي ۽ اسيمبلي ۾ 18 سالن جي ڇوڪري ۽ ڇوڪري کي جنس تبديل ڪرڻ جي آزادي ڏيڻ وارو قانون ن ليگ پاس ڪري رهي آهي، اِهو ٻڏي مرڻ جو مقام آهي. هن وڌيڪ چيو ته رمضان المبارڪ مسلمانن جي لاءِ الله جي نصرت ۽ فتح جو پيغام کڻي ايندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے