22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز | نوابشاهه : ڳوٺاڻن جو پوليس جي زيادتين خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو

Nawabshah The villagers cross the Tire Sark against the police's rape* نوابشاهه ۾ڳوٺاڻن پوليس جي زيادتين خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، متاثرن عورتن تي تشدد ۽ ڦرلٽ جون دانهون ڪيون آهن.

ڳوٺاڻن  ممتاز ملاح، مريم، عظيمان، مرتضيٰ ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾عورتن ۽ ٻارڙن سميت سڪرنڊ روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن دانهيو ته پنهل خان ۽ سڪرنڊ ٿاڻي جي پوليس سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي.

هنن چيو ته پوليس سندن گهرن تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ۽ عورتن تي تشدد ڪري ڦرلٽ پڻ ڪئي.

سندن چوڻ هو ته سندن ڳوٺ ۾ منشيات جو ڪاروبار بلڪل ختم ٿي ويو آهي پر هاڻي پوليس اهو ٻيهر شروع ڪرائي منٿلي وٺڻ چاهي ٿي.

هنن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته اڻڌري جاچ ڪرائي کين پوليس جي ظلمن مان ڇٽڪارو ڏياريو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے