22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس

National Security Committee Meeting under Prime Minister's Premier Leagueاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس جاري. وزير اعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي سميت ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه، ڊي جي آءِ ايس آءِ ، ۽ اهم وفاقي وزير شريڪ. ميڊيا جي رپورٽن موجب اجلاس ۾ ملڪي سلامتي ۽ سرحدي سيڪيورٽي سميت خطي جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو. جڏهن ملڪ ۾ ويجهڙائي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي وارن واقعن تي پڻ غور ڪيو ويندو .رپورٽن موجب اجلاس ۾ ڀارت جي لاڳيتو سرحدي ڀڃڪڙي، خطي جي مجموعي، سلامتي صورتحال تي پڻ غور ڪيو ويندو. ان کانسواءِ دهشتگردي خلاف جاري ڪاروائين تي آپريشن ردالفساد جي نتجين ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جي خلاف پاڪستان سفارتي قدمن جو پڻ جائزو ورتو ويندو. قومي سلامتي ڪميٽي جو هن هفتي ۾ گهرايل ٻيون اجلاس آهي، ان کان اڳ 14 مئي تي پاڪ فوج جي تجويز تي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ممبئي حملن تي واري تڪراري بيان واري معاملي تي قومي سلامتي ڪيمٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو وزر اعظم جي صدارت هيٺ ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس کانپوءِ قومي سلامتي ڪميٽي ممبئي حملن بابت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي تڪرار بيان کي مڪمل طور تي غلط ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي سمورن الزامن کي گڏيل طور تي رد ڪري ڇڏيو هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

ريلوي هيڊ ڪوارٽر ڪراچي منتقل ڪنداسين، 3 وڏا پلانٽ وڪرو ڪرڻ جي خواهش آهي: شيخ رشيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ريلوي هيڊ ڪوارٽر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے