20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |احمد پور : ڪارخانن جي دزي سبب ڪيترائي رهواسي بيمارين ۾ وٺجي ويا

احمد پور  ويجهو ڪارخانن جي  دزي سبب  علائقي ۾ ڪيترين ئي بيمارين ڪر کنيو آهي.

خدابخش چوهاڻ ڳوٺ غوث بخش جتوئي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪارخانن جي دزي سبب ڳوٺاڻن ڦڦرن ، ساهه ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.

ڳوٺاڻن اعجازعلي چوهاڻ،  قائم خان جتوئي ، ارشاد علي چوهاڻ ،غلام قمر چوهاڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته  ٽنڊو مستي سميت ڳوٺن ڀرسان قائم ڪارخانن مان ايندڙ  دزي ۽  ڪت سبب ڪيترائي ٻار عورتون ۽ مرد بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن.

هنن ٻڌايو ته هنن ڪيترائي ڀيرا شڪايتون به ڪيون پر ان باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو .

هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڊي سي خيرپور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي علائقي مان پريس مشينون ختم ڪرائي بيمارين کان بچايو وڃي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chamber

نيوز | چمبڙ: ايس ايس پي پاران مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو

چمبڙ ۾ عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽي ٽنڊوالهيار مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے