21 جمعو , سيپٽمبر 2018

بالي ووڊ سلطان دريا دلي جو مثال قائم ڪري ڇڏيو

The example of Bollywood was Sultan Sultan Dalممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سلطان سلمان خان گيم شو”دس ڪا دم“ ۾ شرڪت ڪندڙ عورت جي مالي مدد ڪري نئون مثال قائم ڪري ڇڏيو.سلمان خان پنهنجي جاندار اداڪاري جي حوالي سان ته تمام گهڻي شهرت رکندو آهي پر هو پنهنجي دريا دلي جي ڪري به  سدائين خبرن جي زينت بڻيل رهيو آهي ۽ ساٿين جي مدد جي سان گڏوگڏ خيراتي ڪم ۾ پڻ اڳ کان اڳرو رهندو آيو آهي. سلمان خان هن وقت پنهنجي گم شو”دس ڪا دم“ جي عڪسبندي ۾ مصروف آهي جتي شوٽنگ دوران اهڙو واقعو پيش آيو جنهن سان هو پاڻ به پريشان ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب 40 ورهين جي عورت سلمان خان جي گيم شو ۾ شريڪ ٿي جتي هو سپر اسٽار سان پنهنجي مالي پريشاني جو ذڪر ڪندي بي هوش ٿي ڪري پئي. عورت سخت مالي مشڪلاتن مان گذري رهي هئي جنهن سبب هو ٻارڙن کي اسڪول ۾ به پڙهائي نه پئي سگهي، جڏهن سندس شو ۾ شرڪت ڪرڻ جو مقصد پڻ اهو هو ته شو شرڪت ڪري حاصل ٿيندڙ آمدني مان پنهنجي ٻچڙن جي مستقبل سنواري سگهي. اهڙي واقعي بعد سلو ڀائي نه رڳو فوري طور تي عورت کي طبي امداد ڏياري پر عورت جي مالي مدد پڻ ڪئي ۽ خيراتي تنظيم جي طرفان عورت جي ٻارڙن کي اسڪول فيس ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے