18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

نيوز |حيدرآباد: لاکڙا ڪول مائينر مانجهند جي رهواسين جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ لاکڙا ڪول مائينز مانجهند جي رهواسين   زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڦلڻ خان کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا آڏو داهيندي چيو تھ  محمد امين برادرس ڪمپني سندس 90 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري اتان ڪوئلو ڪڍي رهي آهي.

هن ٻڌايو ته 2004 ۾ ساڻس ڪمپني معاهدو ڪيو هو ته سندس 4 ماڻهن کي ڪمپني ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون، پر  14 سال گذرڻ باوجود ڪمپني نه نوڪريون ڏنيون آهن ۽ نه وري ڪو حساب ڪتاب ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

هنن اعليٰ اختيارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي قبضا خورن خلاف ڪارروائي ڪري کيس پنهنجو حق ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت  احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tando Allahyar: unknown youth violence targeted body

نيوز: ٽنڊو الهيار: اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ

 ٽنڊي الهيار ۾ اڻڄاتل نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو. طالب الموليٰ ڪالوني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے