23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |سن: جدوجھد ڪميٽي جي سڏ تي پڇڙي جي آبادگارن ۽ ڪڙمين پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

*سن ۾ شاھ اويس ڪينال جدوجھد ڪميٽي جي سڏ تي پڇڙي جي آبادگارن ۽ ڪڙمين پاران انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو. .

آبادگارن ۽ ڪڙمين عبدالستارکوسو، خادم جوڳياڻي کوسو ، قربان عمراڻي، حاڪم کوسو  ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته آبپاشي عملدار  شاھ اويس ڪينال تي غيرقانوني واٽر ۽ نوليون لڳائي پڇڙي  جي آبادگارن  جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن.

هنن ٻڌايو ته ويھن کان  به وڌيڪ ڳوٺ گذريل پندرنھن سالن کان پيئڻ جي پاڻي کان به  محروم آھن .

هنن چيو ته پاڻي نه هجڻ ڪري هڪ طرف هو معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهن ته ٻئي طرف انسان توڙي چوپايو مال ۽ پکي پاڻي جي ڦڙي لاءِ سڪي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad, AwamiTahreek

نيوز | حيدرآباد: عوامي رابطا تحريڪ پاران ڪالاباغ ڊيم ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾  عوامي رابطا تحريڪ حيدرآباد پاران ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌو درياءِ تي سمورن ڊيمن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے