19 اربع , سيپٽمبر 2018

بيت القدس جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا: او آءِ سي

استنبول(ويب ڊيسڪ) اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي ته القدس جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. فلسطين ۾ ويجهڙائي ۾ ٿيل قتل عام تي ترڪي جي گاديءَ واري شهر استنبول ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ  او آءِ سي جي هنگامي اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ترڪ صدر جي انتهائي اهم معاملي تي اجلاس گهرائڻ وارو عمل ساراهه جوڳو آهي ۽ 29 جون تي عرب ليگ اجلاس ۾ فلسطين بابت ٺهراءُ بهترين عمل آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي آمريڪي اشاري تي اسرائيلي فوج جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، اسرائيل اهڙا ڏوهه آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي واري غيرقانوني پس منظر ۾ ڪيا، سفارتخاني جي منتقلي ڏوهاري قدم آهي، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ مسلم قوم جي خلاف چڙڏياريندڙ ۽ دشمني آهي. سفارتخاني جي منتقلي القدس جي فلسطين جي گادي جي قانوني حيثيت تبديل نٿي ڪري سگهي. آمريڪي سفارتخاني جي غيرقانوني منتقلي تي غزه جي پٽي تي خالي هٿين فلسطينين جي پر امن احتجاج تي تشدد جي نتيجي ۾ 60 فلسطين جي شهادت ۽ 2700 زخمين ٿيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. پڌرائي ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ته القدس جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. او آءِ سي سميت پوري مسلم قوم فلسطين ۽ فلسطيني عوام سان جي مڪمل حمايت جو اعلان  ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ٿا گڏيل قومون فلسطيني عوام جو تحفظ جي لاءِ پنهنجو قانوني ڪردار ادا ڪري، غزه واري سانحي جي جاچ جي جي لاءِ عالمي ماهرن جي آزاد ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ اها جاچ ڪميٽي اسرائيلي ظلمن جي حقيقتون  عالمي برادري سامهون آڻي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے