20 آچر , آگسٽ 2017

پاناما ليڪس | عالمي بحران

پاناما ليڪس بحران سرمائيدار ملڪن جي پيداور آهي، پاڪستان تي به ان جا اثر پوندا: امان الله شيخ
پاڪ چين اقتصادي راهداريءَ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي ٿيندو، سنڌ ڪالوني بڻجي ويندي
راهداري سبب خطي جي نئين سر معاشي جوڙ جڪ ٿي رهي آهي ، پاڪستان ناڪام رياست جي ويجهو پهتو آهي
سرمائيدار ملڪن پوري دنيا ۾ سرمائيدار نظام کي بحران کان بچائن لاءِ بحران پيدا ڪيو آهي: عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ليڪچر ۾ اظهار
(ڪراچي رپورٽر): پاناما ليڪس بحران سرمائيدار ملڪن جي پيداور آهي، عالمي سرمائيداري بحران جي ڪري ٽين دنيا جي ملڪن تي پاناما جا اثر وڌيڪ پيا آهن.پاناما ليڪس کان اڳ ۾ به پاڪستان ڪرپشن جي ڄار ۾ ڦاٿل هو. پاناما ليڪس پاڪستان جي تاريخ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي وائکو ڪيو خطي ۾ نئين معاشي جوڙ جڪ جي ڪري پاناما جو شوشو ڇڏيو ويو. چين راهداري سبب هن خطي جي نئين سري سان معاشي جوڙ جڪ ٿي رهي آهي ، هن وقت پاڪستان هڪ ناڪام رياست جي ويجهو پهتو آهي رڳو اسٽريٽيجڪ حوالي سان پاڪستان جي اهميت آهي. پاڪستان جي ميڊيا بغير ايجنڊا جي ڪم ڪري رهي آهي.اهڙو اظهار ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ عوامي آواز ٽي وي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام ليڪچر ۾ “پاناما ليڪس ۽ عالمي بحران ” عنوان هيٺ ڪيو ويو،پروگرام ليڪچر ۾ سينيئر صحافي ڊاڪٽر قاسم راڄپر، صحافي ۽ ليکڪ اسد چانڊيو،نوجوان صحافي آصف ٿيٻو ۽ سماجي ڪارڪن اسد ممتاز رڏ پڻ موجود هئا. ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ چيو ته سويت يونين جي زوال کان پوءِ نئين سري سان عالمي سرمائي جي رٿابندي ٿي رهي آهي،جنهن جي ڪري سرمائيدار ملڪن پوري دنيا ۾ سرمائيدار نظام کي بحران کان بچائن لاءِ پاناما ليڪس جو بحران پيدا ڪيو آهي. جنهن بحران ۾ ٽين دنيا جا ملڪ وڌيڪ متاثر ٿيا آهن.هڪ طرف پاڪستان جا سياستدان ۽ سرمائيدار پنهنجو سرمايو ٻاهر موڪلي رهيا آهن ته ٻئي طرف هن خطي ۾ ٻاهرين سرمائيڪاري ٿي رهي آهي.چين راهداري سبب هن خطي جي نئين سري سان معاشي جوڙ جڪ ٿي رهي آهي. پاناما ليڪس پاڪستان جي تاريخ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي وائکو ڪيو آهي. ڪرپشن سبب پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي. پاناما ليڪس جي ڪري پاڪستان جي معشيت کي سڀ کان وڏو نقصان پهچندو، جنهن جي ڪري ٻاهرين سيڙپڪاري تي اثر پئجي سگهي ٿو. ڪرپشن هئڻ ڪري اقتصادي ۽ سياسي طور پاڪستان ڪمزور ٿيو آهي،جيستائين ڪرپشن تي مڪمل طور تي ظابطو نٿو اچي، تيستائين هن ملڪ ۾ پيدا ٿيل بحران جاري رهندو پاڪستان کي شروع کان وٺي ايڊهاڪ بنيادن تي هلايو ويو آهي،هن وقت پاڪستان هڪ ناڪام رياست جي ويجهو پهتو آهي رڳو اسٽريٽيجڪ حوالي سان پاڪستان جي اهميت آهي.جڏهن ته هي ملڪ مذهبي نظرئي جي بنيادن تي ٺاهيو ويو پر بدقسمتي سان هن ملڪ ۾ مذهب کي استحصال طور استعمال ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز| نيوز بليٽن ستون / 2017-08-19

*پارليامينٽ سڀ کان سپريم آهي: طلال چوڌري *اهلڪارن تي حملن ۾ ملوث ٻن دهشتگردن کي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي