21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |جمال شاهه: شاگرد جي قتل ۾ ملوث ايس ايڇ او جي گرفتاري لاءِ احتجاج

جمال شاهه   ۾ شاگرد جي قتل ۾ مبينا طور ملوث ايس ايڇ او قاضي احمد جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو .

ڳوٺ سومر خان جوکيو، عبدالحميد مهر، صادق جوکيو علي، بخش زرداري ۽ ٻين ڳوٺن جي جوکيا برداري جي ماڻهن ملهار  جوکيو، فيض محمد جوکيو، سالم جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ايس ايڇ او غلام سرور زرداري بنا ڪنهن سبب جي شاگرد سجاد جوکيو  کي کنڀي وحشياڻو تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

هنن چيو ته هڪ هفتو گذرڻ باوجود پوليس غلام سرور زرداري کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.

هنن الزام هنيو ته ايس ايڇ او غلام سرور مقتول شاگرد جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي .

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے