18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

برطانوي شهزادو هيري ۽ ادڪارا ميگن اڄ شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي شهزادي هيري ۽ آمريڪي اداڪارا ميگن مارڪل جي شادي اڄ ٿيندي، جنهن جي لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.  شادي جي تقريب اڄ شاهي محل ۾ ونڊسر پيلس ۾ ٿيندي، جتي ليڊي ڊيانا سميت راڻي الزبٿ ۽ شاهي خاندان جي ٻين فردن جون شاديون ٿيون هيون. شادي جي تقريب جي شروعات رات 12 وڳي جارج چيپل چرچ ۾ ٿيندي جنهن ۾ شرڪت  جي لاءِ 600 مهمانن کي گهرايو ويو آهي.  جنهن بعد هڪ وڳي شاهي جوڙو بگيءَ ۾  2 ميل جو سفر ڪندو ته جيئن عوام سندن ديدار ڪري سگهي. ونڊسر پيلس ۾ ٿيندڙ شادي تقريب ۾ 2 هزار 600 ماڻهن کي سڏ ڏنا ويا آهن. ٻئي پاسي برطانوي عوام ۾ شاديءَ جي حوالي سان زبردست جوش ۽ جذبي سان سرشار آهن. ۽ ڪيترائي ماڻهون شاهي محل ٻاهران خيما کوڙي ويٺا آهن ته جيئن هو شاهي جوڙي جو هڪ جلهڪ ڏسي سگهن. ان کان اڳ گذريل ڏينهن ميگن مارڪل جي امڙ ڊوريا ريگ لينڊ راڻي الزبٿ ٻه ۽ شهزادي فلپ سان ونڊسر محل ۾ ملاقات ڪئي، جتي شهزادو هيري ۽ ميگن پڻ موجود هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طالبان جي حملن ۾ افغان سيڪيورٽي فورسز جا 10 اهلڪار مارجي ويا

ڪابل( ويب ڊيسڪ ) افغان پوليس ۽ فوجي بيس تي طالبان جي حملن ۾ سيڪيورٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے