20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |نصيرآباد: پ پ شهيد ڀٽو پاران عام واهپي جي شين ۾ واڌ خلاف احتجاج

نصيرآباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران عام واهپي جي شين ۾ واڌ ۽ گئس بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ممتاز علي ڪلهوڙو، يوسف کوسو، صابر لغاري  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ رمضان جو ڀلارو مهينو ايندي ئي منافعي خورن عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن.

هنن چيو تھ هڪ طرف مھانگائي جو جن بي قابو آهي ته ٻي طرف گئس ۽ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري عام جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري ريٽ لسٽ تي عمل ڪرايو وڃي، ۽ بجلي ۽ گئس جي هٿرادو لوڊشيشڊنگ ختم ڪرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kunb, Karbala'sMartyrs

نيوز | ڪنب: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ قديمي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

ڪنب ڀرسان قديمي ساليانو ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏني وئي. ڳوٺ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے