22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |نوشهروفيروز: دڪان ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٻالڪ سميت پنج ڄڻا زخمي

نوشهروفيروز  جي الله والا چوڪ تي  دڪان ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٻالڪ سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.

نوشهروفيروز شهر جي مشهور الله چوڪ ڀرسان ڊينٽر زاهد مري جي دڪان تي اچانڪ گئس سئلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.

گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب  12 ورهين جو نينگر زبير 10 ورهين جو نعمان مري، 6 ورهين جو سڄڻ مري، 15 ورهين جو شهزادو پنهنور ۽ انور علي سخت زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس ۽ مقامي ماڻحن زخمين کي کڻائي نوشهروفيروز اسپتال پهچايو، جتان زبير  ۽  سڄڻ جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين  نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.

هوڏانهن ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ سبب  شهرين ۾ خوف حراس ڇانئجي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے