25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪنڌڪوٽ: اغوا ٿيل انعام گولو جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ مان  اغوا ٿيل  انعام گولو جي بازيابي لاءِ  وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

حافظ ڌڻي بخش ،عبدالطيف گولو ، نبي بخش گولو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  هنن کي رڳو ٺلها آسرا ۽ دلاسا ڏنا وڃن ٿا، 24 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃان مغوي ناهي بازياب ٿي سگهيو.

هوڏانهن پوليس عملدارن جي خاطري  بعد ڳوٺاڻن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي بشير احمد بروهي چيو ته مغوي جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي ڪجهه  ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن،  جلد مغوي بازياب ڪرايو ويندو .

هوڏانهن  مغوي انعام جي چاچي غلام مصطفيٰ  جي فرياد تي بخشاپور ٿاڻي تي جوابدار آفتاب عرف فياض گولو ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے