20 خميس , سيپٽمبر 2018

مڇر جي  چڪ سان ڪيتريون ئي بيماريو پيدا ٿي سگهن ٿيون: ماهر ه

Mammal cure can lead to many illnesses: Expertsهوسٽن(ويب ڊيسڪ) مڇرن بابت ڳڻتي جوڳي ڳالهه سامهون آئي آهي، مڇر رڳو هڪ ڀيرو کائي وجهن ته ان مان ڪيترين ئي بيمارين لاءِ رسته کلي ويندا آهن. ڇو ته مڇر جو چڪ جسم جي فطري دفاعي (امنياتي) نظام کي سخت متاثر ڪندو آهي. يعني مڇرن جي هڪ ڀيرو چڪ هڻڻ سان تمام گهڻيون خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ان مطالعي جي لاءِ جينياتي انيجينيئرنگ اهڙو ڪوئو ٺاهيو ويو جنهن ۾ انساني رت جي خليات هئا. ماهرن جائزو ورتو ته مڇرن جو چڪ ڪوئي جي امنياتي نظام کي ڪهڙي نموني متاثر ڪندو آهي، ڪيتريون ئي بيماريون جسم ۾ تيزي سان ڇو پکڙجي ٿو؟  هيوسٽن ۾ قائم بيلر ڪاليج ميڊسن سڀ کان اول رانس جينڪ ڪوئي جي پيرن تي ڪجهه تبديل ٿيل مڇرن کان چڪ هڻايا ۽ هڪ هفتي تائين ان جو جائزو ورتو . واضح رهي ته ان تجربي ۾ ڪوئي ۾ انساني رت جا خليات موجود هئا،  جن ۾ بيمارين سان مقابلو ڪرڻ واري ٽي سيلز پڻ شامل هئا. ماهرن نوٽ ڪيو آهي ته مڇرن جي چڪ هڻڻ سنا ڇهن ڪلاڪن بعد ڪوئن ۾ سائٽوٽوڪسن ٽي سليز جي گهڻي واڌ ويجهه ٿيڻ لڳي، جيڪو متاثر  خليات تي حملو وڌيڪ ڪري رهيا هئا جڏهن ته ريگوليٽري ٽي سيلز تي انهن جو حملو ايترو سخت نه هو. ٽي سيلز امنياتي نظام جو باقدئدا ٺاهيندا آهن. ۽ ائين اسان بيمارين کان محفوظ  رهندا آهيون. هڪ ڏينهن بعد رت ۾ ريگوليٽر ٽي سيلز وڌيا پر ٻيا ٽي سيلز گهٽجي ويا يعني جسم جي سوڄ جي خلاف مقابلو ڪري رهيو هو .پر هڪ هفتي بعد عجيب انڪشاف اهو ٿيو ته ماهرن جي ٽيم کي ڊبل پوزيٽو ٽي سيلز ٻيهر ڏسڻ لاءِ مليا جيڪي رت، جلد ۽ هڏين تائين موجود هئا. پوءِ ريگوليٽري ٽي سيلز پڻ گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويا. پوري هفتي ۾ مڇرن جي چڪ هڻڻ سان پيدا ٿيندڙ اثر گهٽ يا وڌيڪ رهيا جيڪو اهو ثابت ڪن ٿا ته مڇر جي چڪ هڻڻ سان جسم ۾ وڌيڪ عرصي تائين تبديليون پيدا ٿينديون رهنديون آهن. جڏهن ڪوئن تي ڪيل تجربن کانپوءِ ان عمل کي انساني تي آزمائڻ تمام گهڻو ضروري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے