19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |دولتپورصفن: پوليس جي تشدد ۾ فوت ٿيل شاگرد جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

دولتپورصفن  ۾ قاضي احمد پوليس  جي تشدد ۾ فوت  ٿيل شاگرد جي  وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڪيو ويو.

معشوق جوکيو، علي حسن جوکيو، هادي بخش جوکيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  شاگرد سجاد جوکيو  ايس ايڇ او قاضي احمد سرور زرداري بيدردي سان قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي.

هنن چيو تھ 8 ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان جا قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا.

هنن الزام مڙهيو تھ نوابشاهه پوليس پٽي ڀائن کي  بچائڻ لاءِ  هٿ پير هڻي رهي آهي، جڏهن تھ نوجوان جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون پڻ ملي رهيون آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  جانچ آفيسر  کي هٽائي ايماندار جاچ آفيسر مقرر ڪري جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Golarchi

نيوز | گولاڙچي: نوجوان تي حملي خلاف شيعا تنظيمن جي سڏ تي هڙتال

گولاڙچي ۾ شيعا تنظيمن پاران مجلس تان موٽندڙ نينگر کي زخمي ڪرڻ خلاف شٽر بند …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے