25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ سخت گرمي، اڄوڪو ڏينهن سخت گرم رهندو:موسميات کاتو

In Karachi Karachi's cold heat, feet 41 The possibility to go longڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ۾ سخت گرمي واري صورتحال آهي ۽ موسميات واري کاتي اڄ پارو 43 سينٽي ڊگري تائين پهچڻ جا امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي اڄ ڪراچي ۾ هيٽ ويو واري صورتحال جو گرم ترين ڏينهن ٿي سگهي ٿو .ڪراچي ۾ گذريل هفتي کان سخت گرمي واري صورتحال آهي، جنهن سبب موسميات واري کاتي هيٽ ويو جو الرٽ پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، اڄ پڻ هيٽ ويو واري صورتحال برقرار آهي ۽ موسم سخت گرم آهي. موسميات واري کاتي موجب ڪراچي ۾ هن وقت سامونڊي هوائون بند ٿي چڪيون آهن ۽ بلوچستان کان خشڪ هوائن هلي رهيون آهن. جن ۾ گهم جو سيڪڙو گهٽ آهي. موسميات واري کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڏينهن جو گهم جو سيڪڙو 40 کان 50 سيڪڙو تائين رهندو ۽ شام واري وقت گهم جو تناسب 15 کان 25 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. موسميات واري کاتي امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته اڄ شهر جو درجه حرارت 43 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو ۽ موجودا هيٽ ويو واري صورتحال ۾ اڄوڪو ڏينهن گرم ترين ڏينهن ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته ڪراچي ۾ گرمي جي شدت وڌيڪ 5 ڏينهن تائين برقرار رهندي. موسميا ت واري کاتي شهرن خاص طور موٽر سائيڪل سوارن کي احتياط ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.اختيارين چيو آهي ته شهري غير ضروري طور تي گهر کان ٻاهر نه نڪرن ۽ ٻاهر نڪرڻ جي صورت ۾ آلو ڪپڙو مٿي تي رکن ته جيئن اُس جي شدت کان محفوظ رهي سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے