23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي: شاگردن کي مفت فراهم ٿيندڙ درسي ڪتاب ڪٻارخاني مان هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شاگردن کي مفت فراهم ڪرڻ جي لاءِ آيل درسي ڪتاب ڪٻاري وٽ پهچڻ جي  انڪشافن بعد پوليس ڪاروائي ڪري ڪراچي جي علائقي لانڍهي مان سنڌ ٽيسڪٽ  بُڪ بورڊ جي ڪتابن جو وڏو انگ ڪٻار خاني ۾ هٿ ڪري ورتو.  ڊي ايس پي لانڍهي لعل بخش سولنگي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لانڍهي ۾ پوليس ڪٻارخاني تي ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ ڪتاب هٿ ڪري ورتا آهن. هٿ آيل ڪتاب لکين رپين جي ماليت جا آهن، جيڪي شاگرد کي مفت فراهم ڪيا ويندا آهن. ڊي ايس پي لانڍهي چيو ته هٿ ڪيل ڪتابن جو وزن 2 هزار 5 سئو ڪلوگرام جي لڳ ڀڳ آهي. هن چيو ته ڪارخاني جي مالڪ رضوان سمورا ڪتاب 12 ۽ 13 رپيا في ڪلو گرام جي  حساب سان خريد ڪيا هئا، جن کي گته فيڪٽري آندو پيو وڃي.واقعي جو ڪيس تلعيم کاتي جي آفيسر جي فرياد ۾ ڪيس داخل ڪري ڪٻاري رضوان کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ڪيس جي جاچ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Prime Minister will be present on the new constitutional system

وزيراعظم اڄ لاهور پهچندو، نئين بلدياتي نظام تي بريفنگ وٺندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان اڄ منجهند لاهور پهچندو ۽ نئين مڪاني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے