22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پاڪستان جو ڀارت جي ڪشن گنگا ڊيم منصوبي جي افتتاح تي سخت احتجاج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت طرفان ڪشن گنگا ڊيم منصوبي جي افتتاح تي سخت احتجاج ڪندي چيو ته تڪرار جي حل کان سواءِ منصوبي جو افتتاح سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.  پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان ڀارت جي ڪشن گنگا ڊيم منصوبي جي افتتاح تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته گڏيل ڳالهين ۽ عالمي بينڪ جي ثالثي جي باوجود ڀارت منصوبي جي تعمير جاري رکي ۽ تڪرار حل ڪرڻ کان سواءِ منصوبي جو افتتاح سنڌ طاس معاهدي جي ڀڇڪڙي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي هٽ ڌرمي سان معاهدي جي حرمت کي خطرو آهي ان ڪري عالمي بينڪ پاڪستان جا خدشا پري ڪرڻ جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کان پلاند وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ڀارتي آرمي چيف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آرمي چيف بپن راوت پاڪستان خلاف سڌو سنئون ڌمڪين تي لهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے